تحريڪ انصاف جي حڪومت ،مني بجيٽ مهانگائي سبب پريشان عوام…!!

تحرير؛مظهر خاصخيلي

ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين قومي اسيمبلي ۾ مني بجيٽ پيش ڪري مهانگائي جو نئو طوفان آڻي ڇڏيو آهي.هاڻي دوائون،کنڊ،ڀاڄيون،گوشت،ڊنل روٽي،لوڻ،ديسي گيهه،مکڻ،ٻارن جو کير،ريسٽورنٽ جو کاڌو،ميڪ اپ،ڪتاب، ڀاڻ، ٻج،موبائيل فون،ڪمپيوٽر، بينٽريون،گاڏيون،سلائي مشينون،جيولري سميت وڌيڪ 150 شيون مهانگيون ٿينديون جنهن لاءِ شوڪت ترين چوي تو ته عوام تي رڳو 2 ارب رپين جو ٽيڪس لڳندو،ان سان ڪهڙو مهانگائي جو طوفان ايندو هيءُ لفظ چوندڙ وفاقي وزير شوڪت ترين کي شايد اها خبر آهي. الائي به نه ته هن وقت جهڙي طرح ملڪ اندر مهانگائي سبب مسڪين غريب عوام پريشان آهي.ان جو اندازو شايد کيس هجي ڇو ته هن ملڪ جو ٺهيل نظام اهڙو آهي. جو قومي ۽ صوبائي اسيمبلين تائين پهتل سمورن چونڊيل ميمبرن ۾ شايد ڪو اهڙو ميمبر هجي جنهن جا معصوم ٻارڙا ڪڏهن هڪ ويلو بک تي ستا هجن هنن کي ته کاڌي پيتي جون شيون مارڪيٽ ۾ ڪيتري ۾ ٿيون ملن ان ڳالهه جي به خبر ناهي ڇو ته هنن جا نوڪر سامان وٺي ايندا آهن انهن کي ڪهڙي خبر ته روز ڪمائي روز کائيندڙ مسڪين پورهيت ماڻهو هن وقت ڪهڙي پيڙا ۽ تڪليف مان گزري رهيو آهي.

جهڙي طرح جولاءِ 2018 تي ٿيل عام چونڊن کان پوءِ 18 آگسٽ 2018 تي عمران کان پاڪستان جي چونڊيل  وزيراعظم جو حلف کڻڻ کان پوءِ پنهنجي ڪابينا جوڙي ملڪ مٿان حڪومت ڪرڻ وارو عمل شروع ڪيوآهي .هاڻي کيس ملڪ مٿان حڪومت ڪندي 3 سال گزري ويا آهن پر هن وقت تائين  موجودهه عمران خان جي تحريڪ انصاف جي حڪومت ڪهڙيون ملڪ اندر کير جون ننڍيون وهايون آهن. اهو سڀ ڪجهه هن ملڪ جي عوام پنهنجي اکين سان ڏسي ڇڏيو آهي. ۽ ڪجهه مهينا اڳ 11 جون تي تحريڪ انصاف جي موجودهه حڪومت جي ناڻي واري وزير شوڪت ترين سال 2021.22 جي 8 هزار ارب جي بجيٽ پيش ڪئي هئي .هن بجيٽ ۾ 3 هزار 50 ارب رپين جو خسارو ڏيکاريو ويو هو جڏهن ته خسارو هجڻ باوجود دفعا جي بجيٽ اڳئي سال کان 46 ارب وڌائي 1335 ارب ڪري رکي وئي هئي ۽ هن سال ملڪ مٿان قرضن جي وياج جي ادائگي لاءِ 3 هزار105 ارب رکيا ويا هئا بجيٽ ۾ مختلف شعبن کي سبسڊي ڏئڻ جي لاءِ 500 ارب  رکيا ويا هئا پر 6 مهينن کان پوءِ وري تحريڪ انصاف مني بجيٽ آڻي عوام کي جنهن مهانگائي جي منهن ۾ موڪلي ڇڏيو آهي .ان ڪري عوام جا هن وقت مٿي تي هٿ اچي ويا آهن ڇو ته .6 مهينا اڳ  تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجي ٽئين بجيٽ پيش ڪئي هئي ۽ بجيٽ ۾  گهٽ ۾ گهٽ پورهيت جو اجورو17 هزار مقرر ڪيو ويو  آهي .جڏهن ته سڄي ملڪ اندر ڪجهه وڏن شهرن کان سواءِ مزدوري ڪندڙ  مزدورکي  3کان 4 سوءُ مس ملي ٿي ۽ سڄي مهيني اندر انهن مزدورن جي ٺهي تي 9 هزارن کان 12 هزار جڏهن ته ڪٿي به ڪنهن مزدور پورهيت کي سڄو مهينو هڪ هنڌ لاڳيتي مزدوري نٿي  ملي ۽ مزدور ويچارو مزدوري اڌ مهينو مس ٿو ڪري ان جي ڪري مزدور ۽ هاري ويچاري جي سورن سان سراسري مهينو آمدني 7 کان 10 هزارن تائين بيهي ٿي.

سوچڻ جهڙي ڳالهه وري به اها آهي. ته جيڪو مهانگائي جو نئون طوفان هن تحريڪ انصاف جي موجودهه حڪومت هڪ سال ۾ آندو آهي. ان ۾ مسڪين پورهيت،مزدور،هرهاري ويچارو ڪٿي پنهنجو ۽ پنهنجن معصوم ٻارڙن جو پيٽ ڀري سگهندو، ان جي لاءِ سڄي ملڪ اندر مهانگائي جهڙي نموني سان وڌي وئي آهي. مسڪين ماڻهو خاص ڪري پورهيت جيڪو روز ڏهاڙي تي ڪمائي ٿو اهو مزدو ۽ هاري گهر جي چلهه ٻارڻ جي لاءِ پريشان آهي .جيڪڏهن اٽو وٺي ٿو ته ڀاڄي نٿو وٺي سگهي ۽ جيڪڏهن ڀاڄي وٺي ٿو ته گهه ۽ تيل نٿو وٺي سگهي هن ملڪ اندر گهڻي ۾ گهڻو مهانگائي کي منهن مزدور پورهيت ۽ هاري ڏئي رهيو آهي .جن جي گهرن اند هڪ ويلي جي چلهه ٻري ٿي ته ٻئي ويلي جي نه ٿي ٻري ،جيڪڏهن ڪو گهر جو ڀاتي بيمار ٿي پوي ٿو ته ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته بنا ڊاڪٽر وٽ وڃڻ جي ٺيڪ ٿي وڃي پر جيڪڏهن ٺيڪ نه ٿيو ته مهينو کن کٽ تي پيو هوندو آهي هڪ طرف بک ٻئي طرف بيمارين پورهيت ماڻهن کي پريشان ڪري ڇڏي آهي. جيڪو ڏينهن جو ڪمائي ٿو ۽ رات جو ننڊ نٿو ڪري جنهن جي ڪري هلي هلي اهو پورهيت ويچارو پنهنجي گهر جي حالت ڏسي ذهني مريض بڻجي ٿو وڃي ۽ اهڙا سڄي ملڪ اندر هزارين پورهيت ۽ مزدور آهن جيڪي پنهنجي زندگي جا ڏکيا ڏينهن گزاري رهيا آهن ..جنهن ڪري ملڪي معشيت مٿان پنهنجون نظرون رکيو ايندڙ معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڪجهه مهينن اندر مهانگائي ۾ اڃان وڌيڪ اضافو ٿيندو جيڪڏهن واقعي اڄ جهڙي مهانگائي آهي ان ۾ ڪجهه مهينن اندر اڃان وڌيڪ واڌاچي وئي ته پوءِ انهن مسڪين غريب ماڻهون جو ڇا  ٿيندو؟ جيڪي روز ڪمائن ۽ روز کائن ٿا هن وقت انهن جي گهر ن اندر چلهه ڪئين ٻري ٿي ان تي حڪومت ۾ ويٺل انهن وزيرن سميت سينٽ ،قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ايوانن اندر انهن پهتل نمائدن کي ڪهڙي خبر جيڪي اربين ،ڪروڙين رپيا خرچ ڪري پوءِ ميمبر ٿيندا آهن. انهن کي اها به خبر ناهي هوندي  ته هن وقت مارڪيٽ ۾ کاڌي پيتي جون شيون جيڪي ٻيڻ تي مهانگيون ٿي ويون آهن .جنهن سان مسڪين ماڻهن جي گهرن جي چلهه ٻرڻ مشڪل ٿي وئي آهي .۽ اهو به سچ آهي ته انهن ايوانن اندر غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي نمائدن جو نه هجڻ هڪ حقيقت آهي . جنهن جي ڪري ايوانن اندر مهانگائي تي ڪير ڳالهائڻ جي لاءِ تيار ناهي ،ڇو ته هن حڪومت اندر ويٺلن تي ڪا معيار ناهي هيءُ ويچارا پنهنجي حڪومت کي اڳين حڪومتن کان بهتر سڏي رهيا آهن ،اهو اسان وٽ هميشه ٿيندو آيو آهي ..۽ ٿيندو اچي پيو هن ملڪ جي سڀ کان وڏي بدقسمتي اها آهي.  ته وقت جي حڪومت هميشه پنهنجي حڪومت کي بهترين حڪومت  چوندي آهي. باقي جيڪي ملڪ اندر مسئلا هوندا آهن ان جي ذميوار اڳئي حڪومتن مٿان مڙهي عوام کي باور ڪرايو ويندو آهي. ته اڳيون حڪومتون ڪم صحيح ڪن هان ته اڄ هيءَ صورت حال نه هجي هان ۽ اها ساڳئي ٻولي موجوده پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ موجوده وزيراعظم عمران خان کان وٺي وفاقي وزير ڳالهائي رهيا آهن .جنهن ڪري هن ملڪ جو عوام سوچڻ تي مجبور آهي. هيءُ جيڪو ڪجهه پنهنجي ملڪ جي عوام سان موجوده حڪومت ۽ اڳيون حڪومتون اها پ پ جي هجي جا وري مسلم ليگ ن  جي بار بار ميڊيا جي اڳيان اچي ۽ قومي اسيمبلي جي ايوان اندر ٻڌائي ۽ تقريرن ۾ ڏسي ويا آهن انهن جي پيش ڪيل انگ اکرن کان پوءِ ۽ هنن پاران ڏسيل ملڪ جي خوشحالي واريون ڳالهيون صرف ڳالهيون آهن عوام ويچارو اڄ به سورن ۾ آهي ۽ ڪالهه به سورن ۾ هو جنهن ڪري هڪ طرف موجوده حڪومت ۾ ويٺلن کي خبر ناهي ته ٻئي طرف وري قومي سيمبلي اندر مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف ۽ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ڀلا ڪهڙي خبر ته مسڪين ۽ غريب ماڻهو جي گهر ۾ جڏهن چلهه ناهي ٻرندي ان وقت ان جي معصوم ٻارڙن جي ڪيفيت ڪهڙي هوندي آهي .۽ جڏهن انسان خالي پيٽ جي هوندو آهي . ان وقت هو ڪهڙي تڪليف معصوم ڪندو آهي . ۽ سندس ڪيفيت ڪهڙي هوندي آهي. اهڙي خبر ان ماڻهو جا وري چونڊيل نمائدي کي هوندي جنهن  ڪڏهن بک تي پنهنجن معصوم ٻارڙن کي سمهندي ڏٺو هجي جا وري ڪڏهن هو پاڻ بک تي ستو هجي.

 باقي هن وقت تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت پنهنجي نا اهلي کي لڪائڻ لاءِ مني بجيٽ آڻي جهڙي طرح مهانگائي واري پيدا ٿيل طوفان کي جهڪو ڪرڻ بجاءِ اڃان وڌائي  مسڪين ماڻهن کان ٻن ويلن جي ماني کائڻ جو حق  کسي ڇڏيو آهي. اهوئي سبب آهي ته مسڪين ماڻهو موجودهه تحريڪ انصاف جي حڪومت مان مڪمل طور تي بيزار ٿي ويو آهي. جنهن جي ڪري تحريڪ انصاف جا وزير جا وري پارٽي اڳواڻ ڀلي ميڊيا جي اڳيان اچي پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر سڏن پر عوام انهن جي اهڙن ڳالهن تي کلي ٿو .هڪ طرف حڪومت پنهنجي بيڪار ڪارڪردگي جون تعريفون ڪرڻ ۾ پوري آهي.ته ٻئي طرف وري مخالف ڌر جي سمورن جماعتن پاران جوڙيل پي ڊي ايم جو اتحاد  آهي جنهن جي جڙيل اتحاد ۾ ڏار پوڻ شروع ٿي ويا آهن. ڇو ته پنهنجو پاڻ کي ملڪ جون وڏيون پارٽيون سمجهندڙ مسلم ليگ ن ۽ پ پ هن اتحاد ۾ گڏ هلي ناهن سگهيون ۽ انهن ٻنهي پارٽين کي اصل واڳ ڌڻين هڪ ٻئي جو سخت مخالف ماضي جيان هاڻي به بڻائي ڇڏيو آهي. ان ڪري ڏسجي ته عوام اندر مهانگائي سبب پيدا ٿيل بيچيني واري صورت حال مان اقتدار حاصل ڪندڙ وفاقي سياست ڪندڙ پارٽيون ڪهڙو ٿيون فائدو حاصل ڪن ۽ عوام کي موجوده حڪومت خلاف روڊن تي ڪڍي سگهن ٿا

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.