بند ٿيندڙ 1400 اسڪول ۽ سرڪاري ذميواري

اها انتهائي افسوس جي ڳالهه آهي ته سنڌ صوبي ۾ چوڏهن سئو اوڻهٺ اسڪولن جي رڳو ڪاغذن ۾ موجود هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. اهڙي ڳالهه جي سامهون اچڻ تي نه ڪنهن کي ڪا پريشاني آهي، نه ئي وري ان بابت ڪنهن سياسي سماجي ڌُر جو ڪو اهڙو ردعمل سامهون آيو آهي. تعليم کاتي طرفان سرڪاري پڌرائي ۾ نه رڳو اهڙو انڪشاف ڪيو ويو آهي بلڪه اهڙن اسڪولن کي بند ڪرڻ جو به باقاعده اعلان ڪيو ويو آهي.

اسان جيڪي سموري دنيا کي اهو ٻڌائيندا هلندا آهيون ته سنڌ جو ماڻهون اڄ کان پنج هزار سال اڳ به هڪ مهذب سماج جو رهاڪو هو، سنڌ جي سڃاڻپ ڳڻائڻ وقت اهو به چوندا آهيون ته سنڌ جو ماڻهون پنهنجي مزاج ۾ صوفي تعليمات تي عمل ڪندڙ ۽ پُرامن ماڻهون آهي، ٻڌائڻ جي لاءِ اسين  اهو به ٻڌائيندا آهيون ته اسان وٽ دنيا کي ڏيڻ جي لاءِ گهڻو علم آهي، اسان وٽ تهذيب آهن ، اسين ڪلچرڊ آهيون، اهو سڀ درست هوندو پر هن وقت جي زميني حقيقت اهو ٻڌائي ٿي ته اسين انتهائي بي حس، غير ذميوار ۽ لاپرواهه آهيون.

اهو درست آهي ته اسان وٽ هڪ سول حڪومت آهي پر ان باوجود سنڌ جو عام ماڻهون پنهنجن سول حقن کان محروم آهي،بک بيروزگاري،سماجي اڻبرابري، معاشي ابتري،خراب  زرعي  معيشت ، پير پرستي ۽ انتهاپسنديءَ  طرف وڌندڙ سماج ،هاڻي اسان جي سڃاڻپ بڻجي رهيو آهي.اهو اسان سمورن ماڻهن جي لاءِ ڳڻتي جو معاملو آهي، پر ان طرف ڪو به سنجيدگي اختيار ڪرڻ جي لاءِ تيار نظر نٿو اچي.

موجود حڪمران پارٽي عرصي کان سنڌ  جي عام ماڻهن جي نمائندگيءَ جي دعويٰ ڪري ٿي.پر اڄ تائين عام ماڻهون بنيادي انساني گهرجن  ۽ ضرورتن کان محروم آهي.

سرڪاري سطح جي ڪيل پڌرائي موجب سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ بند پيل يا رڳو ڪاغذن ۾ ھلندڙ اسڪولن بابت تعليم کاتي جي عملدارن ۽ چيف مانيٽرنگ آفيسرن جي جوڙيل  رپورٽ بعد انهن کي  بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي بند ڪيل اسڪولن ۾ بوائز پرائمري اسڪول، گرلز پرائمري اسڪول ۽ لوئر سيڪنڊري اسڪول شامل آھن.  سيڪريٽري تعليم جي جاري ڪيل  نوٽيفڪيشن موجب بندٿيندڙ   ۾ اهي اسڪول شامل آھن جن ۾ نه استاد مقرر ٿيل آهن ۽  نه ئي ٻارن جي داخلا  ٿيل آهي ۽ نه ئي وري اسڪولن جون عمارتون آهن. اهڙن اسڪولن کي بند ڪيو ويو آھي.

بند ڪيل اسڪولن ۾ ننگرپارڪر تعلقي جا 10 اسڪول آهن جن ۾ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ميوو حجام، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول جمعو جگو، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول سعيد خان ڀڪو، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول بخاري پاڙو کاروڙو، گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول نانجي پاڙو ڪاسبو، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول گوندي ڇڇر، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول رامون ڪولهي، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول مصري خان پاڙو، گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول ڀوڏيسر، گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول کارڙيو ۽ گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول  ننگرپارڪر شامل آهن. بدين ضلعي جا 11 اسڪول بند ڪيا ويا آهن .جن ۾ گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول حاجي يوسف سومرو، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول نور محمد، گورمينٽ گرلز پرائمري اسڪول نظير احمد آرائين، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول براند محمد الياس ڪلهوڙو، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول برانچ محمد بچل چانڊيو. گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول مريد ٽالپر، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول کڏي، گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول مرزو خان دلواڻي، گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول محمد حيات سومرو ۽ ٻيا اسڪول بند ڪيا ويا آهن..

ان هڪڙي ڳالهه مان ئي اهو اندازو ڪريو ته سنڌ م ترقيءَ جي ڇا صورتحال آهي؟ ان مان اهو به اندزو ڪريو ته اسان وٽ تعليم جو ڪهڙو قدر آهي، ان مان اهو به پتو پوي ٿو، ته اهي اسڪول اهڙن هنڌن تي قائم ڪيا ويا هئا، جتي انهن جي ضرورت نه هئي، يا وري اتي جي آبادي ايتري نه هئي ؟ جيڪڏهن ڪو همٿ ڪري اهو سوال ڪري وجهي ته اهي اسڪول بند ئي ٿيڻا هئا ته پوءِ اهي قائم ڪيئن ٿيا هئا؟ اهي اتي ڇو قائم ٿيا هئا؟ انهن جي مالڪي هن وقت تائين ڇو نه پئي ڪئي وئي،؟ هن وقت اها ڳالهه پڌري ٿي آهي پر اهو سلسلو ڪافي وقت کان جيئن جو تيئن هلندڙ هوندو. عوام جي ناڻي جو ڪيترو زيان ٿيو آهي ؟

اهو اڌورو سچ جيڪو تعليم کاتي جي اعليٰ عملدارن جي صلاح سان سامهون آيو آهي ان جي پٺيان ڪيترا ئي سوال موجود آهن، سٺو ته ايئن آهي ته انهن بند ٿيندڙ هرهڪ اسڪول بابت ان جو مڪمل تفصيل به واسطيدار کاتو ئي جاري ڪري ته عوام کي اصل حالت جو اندازو ٿي سگهي،

اهي اسڪول ڪڏهن کان قائم ٿيل هئا ؟ انهن جي غير فعال هئڻ جو پتو تعليم کاتي کي ڪڏهن پيو؟ انهن ان ڏس ۾ پهريون ۽ اخري فيصلو انهن کي بند ڪرڻ جو ڪهڙن بنيادن تي ورتو ؟ انهن کي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش دوران ڪهڙا قدم کنيا ويا ؟ انهن اسڪولن ۾ مقرر استاد  اتي ڇو ڊيوٽي نه ڪندا هئا؟

اهي رڳو سياسي بنيادن تي اتي جي ماڻهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڏنيا ويا هئا ؟

اسان سمجهون ٿا ته اهو تمام وڏو الميو آهي، اسڪولن جي  هن حال م هئڻ جي لاءِ ڪو هڪ نه پر پورو معاشرو ذميوار آهن.. ان ۾ سياسي ڌريون به شامل آهن ته سماجي۽ ادبي ڌريون به ان جي لاءِ ايتريون ئي زميوار آهن.هي ڳالهه به هتي بيجا نه هوندي ته سنڌ جي ننڍڙن شهرن ۾ به هن وقت هر گهٽيءَ ۾ نجي اسڪول قائم  آهي، جتي پڙهائي نالي ماتر آهي، بس اسان سماجي طور تي رڳو پاڻ کي انگريزن سان ڪلهو ملائڻ واري خفت م ورتل آهيون، جنهن سان سموري تعليم متاثر ٿي رهي آهي. اهڙي رواج ۾ سرڪار جو به پنهنجو حصو پتي آهي. جيڪڏهن نه ته سرڪاري ادارن جي تعليم جي  معيار تي ڪم ڪري انهن جو انرولمينٽ وڌائي سگهجي ٿو. پر ان طرف سرڪار سنجيدگي  ڏيکارڻ جي لاءِ تيار نه آهي.

 

 

 

 

 

.

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.