ملڪ کي فتني جي سياست ڏانھن نه ڌڪڻ گھرجي  ! 

تحرير؛مسرور سيال

جڏھن به چونڊن جي ٿورڙي به ھوا گھلڻ لڳندي آھي ته سياست جو رخ به تبديل ٿيڻ لڳندو آهي وفاق پرست  به قوم پرست بڻجي ويندا آھن ڪجھه وري لسانيت جھڙي ڪڌي سوچ کي اڀارڻ جي ڪوشش ڪندا آھن . قومپرست بڻجڻ پوءِ به ٺيڪ آھي پر فتني پرست بڻجڻ ڪنھن به صورتحال ۾ ملڪ لاءِ چڱو ناھي . ھن جا نتيجا ڪھڙا نڪرندا آھن ان جي کين ڀلي ڀت خبر آهي  ته ، نه اڳ فتني پرستي کي ڪا موٽ ملي نه وري فتني تي جُڙندڙ منصوبن کي ڪاميابي ملي سگھي . ھا! ايترو آھي ته ڪجھه بي سمجھه ۽ فتني بازن جون ھمدرديون ضرور حاصل ڪيون وڃن ٿيون پر ان جي بدلي کين سلجھيل ۽ وحدت پسندن جي ناراضگي سان منھن ڏيڻو پوي ٿو. ھي ڪھڙي دانائي چئبي ته مئل گھوڙي کي ڦوڪون ڏئي ساھه وجھڻ جي ڪوشش ڪجي ۽ ملڪي وحدت جي خلاف ڳالھائي ملڪ دوستي جي دعويٰ ڪجي .

 ن ليگ جاگ پنجابي جاگ سوچ مان نڪري نه سگھي آھي جن کي پنھنجي اڪثريت ۽ وڏي آبادي ھجڻ تي غرور رھندو پيو اچي ، جيڪا بنگلاديش جي صورت ۾ ملڪ جي ٻن ٽڪرن ۾ نتيجا ڏئي چڪي آھي . ھڪ پاسي حمزه شهباز ڪالاباغ جھڙي مئل گھوڙي کي ڦوڪون ڏئي جيارڻ جي ناڪام ڪوشش پيو ڪري ته وري سابق وزيراعظم شاھد خاقان عباسي ملڪ ۾ نون صوبن جي ڳالھه ڪري ٿو مطلب ته ھي پنھنجو وري پراڻو چھرو ڏيکارڻ لڳا آھن . ممڪن آھي ھن جو فائدو تعصب پرست ۽ لسانيت پسند وٺڻ جي ڪوشش ڪن ۽ تعصب کي وڌيڪ ھوا ڏيڻ لاءِ راھ ھموار ڪن . اڳوڻي وزيراعظم کي ملڪي وحدت خلاف ڳالھائڻ نه گھرجي جيڪڏھن ڳالھائي ٿو ته پارٽي پوزيشن به واضح ڪرڻ گھرجي ۽ ھن بيانن جو ن ليگ کي به وضاحت ڏيڻ گھرجي

سنڌ جو واضح موقف به ذھن ۾ کين رکڻ گھرجي ته سنڌ جي وحدت تي حملو ڪندڙ اصل ۾ ملڪ دشمن سمجھيا وڃن ٿا . جيڪڏھن سنڌ محفوظ نه ھوندي ته پوءِ ڪير به محفوظ نه رھندو سنڌ ھن ملڪ جي خالق ڌرتي آھي خالق ڌرتي تي حملو معنيٰ ملڪ جي وجود تي حملو آھي ۽ اُھي ڪري رھيا آھن جيڪي ملڪ جا طاقتور سياستدان سمجھيا وڃن ٿا . حمزه شھباز کي به سمجھايو وڃي ته ڪالاباغ ڊيم  سنڌ جي زندگي موت جو مسئلو رھيو  آھي ۽ اسين ھن منصوبي کي  نانگ سمجھيو آھي ھن جي منڊي تي لت رکي ھن جو ساھه بند ڪري ڇڏيو آھي . جيڪڏھن ھن جي ھاڻ به ڳالھه ڪئي ويندي ته ان کي سنڌ ڪڏھن به عزت جي نگاه سان نه ڏسندي . ڪالاباغ ڊيم ۽ نون صوبن جا مطالبا حقيقت ۾ ملڪ کي ٽوڙڻ جي ڳالھه آھي

ھا جتي صوبن جي ضرورت آھي جن کي پنھنجي ڌرتي. ٻولي ، تاريخ ، ثقافت آھي اتي ٺاھيا وڃن سرائيڪين جو حق آھي ته پنجاب ۾ سندن زبردستي الحاق ختم ڪري کين الڳ صوبو ڏنو وڃي اھڙي طرح ڪي  پي ۾   ھزاره جو حق آھي . سنڌ ھڪ ئي ڌرتي آھي ھڪ ئي وحدت آھي سنڌ ڪوجبري الحاق ناھي پر اختياري آھي جڏھن به جبري طريقي سان فيصلا ڪرڻ جي  ڪوشش ڪئي ويندي ته سنڌ پنھنجي اختيار کي استعمال ڪرڻ جو  حق به محفوظ رکي ٿي.

جيڪو 1943ع واري قرارداد ۾ موجود آھي . حوصلي کان ڪم ورتو وڃي فتني کي ھوا ڏئي فتني بازي نه ڪئي وڃي پنھنجي سياست کي سنڌ جي وحدت خلاف استعمال نه ڪيو وڃي جيڪڏھن ڪنھن کي به نوان صوبا گھرجن ته وڃي پنھنجن صوبن ۾ ٺاھين سنڌ سندن سازشن کي برداشت ڪرڻ جي ھاڻ سگھه نٿي رکي پر، ھا ان جو ڀرپور جواب ڏيڻ جي پوري پوري سگھه رکي ٿي . شايد ان جي استعمال سان نقشو ئي تبديل ٿي وڃي جنھن جي سنڌ کي تڪڙ ناھي پر وڏي صوبي کي شايد گھڻي  تڪڙ آھي جنھن ڪري اھڙن فتنن کي ھوا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي

ملڪ جي خلاف ۽ ملڪ جو ئي خداحافظ واريون تقريرون پارليامينٽ ۽ ٻاھر اُھي ڪري رھيا آھن جيڪي وڏي صوبي سان تعلق رکن ٿا ۽ سندن واسطو به ان صوبي جي وڏي پارٽي توڙي ملڪ جي خالق پارٽي جي دعويٰ ڪندڙن سان آھي . سنڌ جيڪڏھن اھڙا خدشا ظاھر ڪندي رھي آھي ته موٽ ۾ کين غداري جا لقب ڏنا پئي ويا . جيڪڏھن سنڌ  سان واسطو رکندڙ وفاقي پارٽي اھڙيون ڳالھيون ڪري ھا ته مٿن غداري جا ڪيس به داخل ٿي چڪا ھجن ھا ۽ اڳواڻ جيل ۾ به زندگي ڀوڳيندڙ ھجن ھا

ھي عجيب موڙ تي اچي صورتحال بيٺي آھي وفاق ۾ حڪومت به وڏي صوبي جي آھي ته وري قائدِ حزب اختلاف  به پنجاب جو آھي ، حڪومت ۽ مخالف ڌر ھڪ ٻئي تي غداري جا الزام لڳائي رھيا آھن ۽ ملڪ جي ٽوڙڻ جا آواز ڪڍي رھيا آھن جڏھن ته سنڌ جي وڏي پارٽي ملڪ کي بچائڻ جي ڳالھه ڪري رھي آھي. بلڪل انھي طرح جڏھن 1971ع ۾ ملڪ ٽٽو 1988ع ۾ ملڪ عالمي سطح تي ڪمزور ٿيو  2007ع ۾ ملڪ سلامتي ھڪ اشاري تي بيٺل رھي ۽ کپي کپي جي نعري بقاءَ ڏني ھن وقت به جڏھن وڏي صوبي جون وڏيون پارٽيون برداشت کان ٻاھر نڪتل آھن اُتي سنڌ وري به حوصلي کان ڪم وٺي رھي آھي پر ان حوصلي جو امتحان لسانيت کي ھوا ڏئي وري وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ۽ پنجابيت واري سوچ کي اِڀاري  وٺڻ جي رٿابندي ڪئي پئي ٿي .جيڪا ملڪ لاءِ رڳو خطرناڪ نه پر وڏي خطرناڪ ڳالھه آھي .  

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.