نواز شريف سان ڪا ڊيل نه ٿي رهي آهي: فرخ حبيب

فيصل آباد (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته هڪ مخصوص ٽولي پاران نواز شريف سان ڪنهن قسم جي ڊيل جو تاثر ڏنو پيو وڃي پر سڀني کي سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته نواز شريف سان ڪا ڊيل نه ٿي رهي آهي، هو جڏهن به پاڪستان آيو ايئرپورٽ تي اڊيالا جيل جي قيدين واري وين کيس وٺڻ جي لاءِ موجود هوندي ڇو ته ڪرپشن ۽ ڦرلٽ ۽ چوري ۾ ورلڊ ڪپ کٽيندڙ جي جڳهه رڳو جيل آهي. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن ٽپهر فيصل آباد ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جي جائزي کانپوءِ گولڊ پام مارڪي نزد فورسيزن سمندري روڊ فيصل آباد تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ حڪومت هڪ به ڪورونا ويڪسين خريد ناهي ڪئي، وفاق 45 ارب رپين جي ويڪسين سنڌ کي فراهم ڪئي، هن چيو ته  ته هلندڙ مالي سال جي ٻي ٽه ماهي ۾ ايف بي آر پاران 32 سيڪڙو اضافي سان گڏ 2920 ارب رپين جون رڪارڊ ٽيڪس اوڳاڙيون بهترين معاشي سرگرمين جي عڪاسي ڪري رهيون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.