نواز شريف وطن واپسي تي سڌو جيل ويندو: پرويز خٽڪ

نوشهره (م ڊ) بچاءَ واري وفاقي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف ڪي پي ڪي جي صدر پرويز خٽڪ چيو آهي ته خيبر پختونخواه جي بلدياتي چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ جميعت علماءِ اسلام (ف) جا اميدوار پاڻ ئي حيران ۽ پريشان آهن ته کين ايترا ووٽ ڪيئن مليا؟ انهن جو نه ڪو پولنگ ايجنٽ هو ۽ نه ئي ڪا چونڊ مهم هلائي وئي. مولانا فضل الرحمان سميت سڀئي حيران آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف اڄ به هن ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي طاقت آهي. 17 تعلقن ۾ چونڊون کٽي چڪا آهيون ۽ وزيراعليٰ محمود خان جي اڳواڻي ۾ اڪثر آزاد اميدوار تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي رهيا آهن، انسان غلطين مان سبق سکندو آهي، ٻئي مرحلي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف ڪلين سوئيپ ڪندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.