گڏاپ  ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد، ٻيو زخمي

گڏاپ / ٽنڊو مير علي(رپورٽ: ممتاز شيخ + ن ع آ) گڏاپ جي فقيرا ڳوٺ ڀرسان سائيٽ سپر هاءِ وي ٿاڻي جي حد ۾ چاند بنگلي ڀرسان نامعلوم ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو، اهلڪار جو لاش ۽ زخمي اھلڪار کي آغا خان اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي شهيد پوليس اهلڪار جي سڃاڻپ 30 ورهين جي برڪت علي طور ٿي، جڏهن ته زخمي پوليس اهلڪار جي سڃاڻپ 35 ورهين جي محمد انور جي نالي سان ٿي، پوليس ذريعن موجب پوليس اھلڪارن شڪ جي بنياد تي موٽر سائيڪل سوار کي روڪڻ جو اشارو ڏنو جنھن تي جوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ ھڪ پوليس اهلڪار برڪت علي مارجي ويو جڏهن ته ٻيو پوليس اهلڪار محمد انور شديد سخت زخمي ٿي پيو آھي، جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويا، پوليس اھلڪار سائيٽ سپر هاءِ وي ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪندڙ هئا، شهيد اهلڪار ٽنڊو مير علي ڀرسان ڳوٺ محمد چنگل ملڪ جو رهواسي هو، سندس مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.