مٺي ۾ مارئي جي نالي تي ٿيندڙ فيسٽيول مذاق بڻجي ويو، سوشل ميڊيا تي تنقيد

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) آرٽ ڪائونسل آف ٿرپارڪر پاران ثقافت کاتي ۽ ٿر فائونڊيشن جي سهڪار سان مٺي ۾ لڳندڙ ٽن ڏينهنوارو ٿر ۽ مارئي فيسٽيول مارئي سان جي نالي سان مذاق بڻجي ويو،ميلي ۾ ڪنهن به مارئي جي ڄاڻو،لطيف جي پارکو،اديب،دانشور شرڪت نه ڪئي،مارئي جي نالي تي ٿيندڙ سيشنن ۾ اڻ لاڳاپيل ماڻھن کي ويهاريو،خانا پوري ڪري هڪ ھال تائين مارئي ۽ ٿر کي محدود ڪيو ويو آھي،فيسٽيول ۾ نالي ماتر اسٽال لڳايا ويا،جيڪي پڻ هر وقت خالي نظر آيا،خالي اسٽالن سان گڏ چندي لاءِ پيتيون پڻ رکيون ويون،ٿر جي سگهڙن،لطيف جي پارکوئن توڙي نامياري راڳين کي به فيسٽيول کان پري رکيو ويو،جن کي بي خبر رکيو ويو،ميلي ۾ ٿر جي عام عوام،سڄاڻ ڌرين،چونڊيل،نمائندن توڙي ڪنهن به شاعر اديب شرڪت نه ڪئي،ميلي ۾ اڻ ڄاڻ ماڻھن جا سيشن رکي ميلي کي محدود ۽ مذاق بنايو ويو آھي،ٻي طرف ٿرپارڪر جي ساڃاهه وند ڌرين ٿرفيسٽول ۽ مارئي جي نالي ۾ ٿيندڙ پروگرام تي سخت تنقيد ڪندي انهي عمل کي بجيٽ هڙپ ڪرڻ جو ڍونگ قرار ڏنو آھي،جنهن خلاف ٿر ۾ سوشل ميڊيا تي مهم پڻ شروع ٿي چڪي آھي،ٿر جي سڄاڻ ڌرين جو چوڻ آھي ته هي ميلو نه پر عوام سان مذاق آھي،جنهن ۾ صرف فوٽو سيشن ڪري بجيٽ ھڙپ ڪرڻ جو ڍونگ رچايو ويو آھي،هن ۾ ٿر جي عام ماڻھو توڙي ڪنهن ساڃاهه وند شرڪت ناهي ڪئي،سيشنن ۾ ڪو ڄاڻو ماڻھو نه ويهاريو ويو آھي،ٿرواسين مطالبو ڪيو هي ته ٿر جي نالي تي ٿيندڙ ھن قسم جي ڪرپشن جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ هن ميلي تي جيڪا بجيٽ خرچ ٿي آھي انهي کي عوام آڏو ظاهر ڪيو وڃي،

  • ميلو مارئي جي ڳوٺ بدران مٺي ۾ رکيو ويو

مٺي:ميلي جو نالو،مارئي جي نالي کي بند ڪمري تائين محدود ڪيو ويو،ميلو مارئي جي ڳوٺ ڀالوا بدران مٺي تائين هڪ ڪمري ۾ رکيو ويو،جنهن تي ٿرواسي سخت تنقيد ڪندي نظر اچن ٿا،

  • مارئي جي ڪردار بابت عوام کي ڄاڻ ئي نه ڏني وئي

مٺي: من پسند،جڳاڙي ميلو لڳائڻ ڪري ڪو به چونڊيل نمائندو توڙي اديب شريڪ نه ٿيو،مارئي جي ڪردار بابت عوام کي ڄاڻ ڏئي ثقافتي پروگرام رکڻ بدران صرف مارئي جو نالو ڏئي اسٽال لڳايا ويا،جيڪي خالي جو خالي پيل نظر اچن ٿا،ميلو اڄ پڄاڻي تي پهچندو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.