نوان جتوئي ڀرسان چانهه دير سان ٺاهڻ تان مڙس هٿان زال قتل

نوان جتوئي /مورو(نمائندا) نوان جتوئي ڀرسان درس ٿاڻي جي حد ۾ مڙس چانھ دير سان ٺاھي ڏيڻ تان ڪاوڙ ۾اچي زال کي ڏنڊا ھڻي بيدرديسان قتل ڪري ڇڏيو قاتل مڙس گرفتار،درس ٿاڻي حد ڳوٺ مناھي لڳ ڀائو پير وٽ رات دير سان مڙس عاشق لغاري چانھه دير سان ٺاھي ڏيڻ تي 7 ٻارڙن جي ماءُ زال آمينه لغاري کي ڏنڊا ھڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو اطلاع ملڻ تي ايس ايچ او درس ٿاڻو محمد اسلم سومرو پوليس نفري سان گڏ واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي لاش ايمبولينس ذريعي کڻائي مورو اسپتال آندو ويو ايس ايچ او درس محمد اسلم سومرو زال کي قتل ڪندڙ جوابدار مڙس عاشق لغاري کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آھي قتل ٿيل عورت جي ڀاءُ بخشل لغاري صحافين کي ٻڌايو ته اسان سڪرنڊ شھر جا رھواسي آھيون اسان کي صبح جو 8 بجي فون ذريعي اطلاع ڏنو ويو ته توھانجي ڀيڻ آمنه لغاري کي ڌک لڳو آھي اسان جئين پھتاسين ته اسانجي ڀيڻ فوت تي چڪي ھئي اسان اھڙو اطلاع درس ٿاڻي کي ڏنو ٻئي پاسي ايس ايڇ او محمد اسلم سومرو ٻڌايو ته رات 3 بجي جوابدار مڙس عاشق لغاري چانھ دير سان ٺاھي ڏيڻ تان ڪاوڙ ۾ اچي پنھنجي زال آمنه کي ڏنڊا ھڻي بيدردي سان قتل ڪيو آھي ۽  اسان کي اطلاع اڄ منجهند جو ھڪ بجي ڏنو ويو آهي ٻئي پاسي ڊاڪٽرياڻي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو وارث لاش سڪرنڊ کڻائي ويا،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.