ڪي پي جي مختلف شهرن ۽ اسلام آباد ۾ زلزلي جا لوڏا

پشاور(م ڊ) خيبر پختونخواهه جي مختلف شهرن سميت اسلام آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، ملڪ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن، زلزلي جا لوڏا محسوس ٿيندي ئي ماڻهو گهرن، آفيسن ۽ دڪانن مان ڪلمي جو ورد ڪندي نڪري آيا، زلزلي جا لوڏا اسلام آباد، سوات، پشاور، نوشهرا، باجوڙ، مينگورا، شانگلا، مالاڪنڊ، بونير، ديربالا، صوابي، چترال، مهمند، ايبٽ آباد ۾ محسوس ڪيا ويا، جڏهن ته فوري طور ڪنهن به جاني نقصان جو اطلاع ناهي مليو، زلزلو ماپيندڙ مرڪز موجب زلزلي جي شدت 5.3 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي، ان جو مرڪز ڪوهه هندوڪش جي جابلو سلسلي ڏانهن هو، جڏهن ته ان جي اونهائي 180 ڪلو ميٽر هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.