پينڊور پيپرز جي جاچ آخري مرحلن ۾ داخل

اسلام آباد(م ڊ) پينڊور پيپرز جي جاچ آخري مرحلي ۾ داخل ٿي وئي، ذريعن مطابق جائزه ڪميشن  پينڊورا پيپرز ۾ ايندڙ 240 نالن مان اڪثريت جي جاچ مڪمل ڪري ورتي آهي ۽ وزيراعظم جائزه ڪميشن کي 200 کان وڌيڪ پاڪستانين پنهنجا جواب جمع ڪرائي ڇڏيا، 240 پاڪستانين مان اڪثريت جواب ۾ مني لانڊرنگ جا الزام رد ڪري ڇڏيا جڏهن ته آءِ سي آءِ جي مبينه 700 مان 240 نالا وزيراعظم جائزه ڪميشن کي ڏنا، وصول ٿيل نالن مان 40 پبلڪ آفيس هولڊر، بيوروڪريٽس ۽ ٻيون اختياريون  شامل آهن، جائزه ڪميشن جي فيڪٽ فائنڊنگ انڪوائري جو پهريون مرحلو جنوري جي آخر تائين مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي، جائزه ڪميشن کي اسٽيٽ بئنڪ، ايس اي سي پي، نادرا، پي ٽي اي ۽ ايف بي آر جو سهڪار به حاصل آهي، جائزه ڪميشن 3 مهينن کان وزيراعظم جي حڪمن تي پينڊور پيپرز ۾ شامل نالن جي جاچ ڪري رهي  آهي، ڪميشن 200 کان وڌيڪ پاڪستانين کان 7 ڏينهن ۾ پڇيل سوالن جا جواب گهريا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.