مهانگائي، بيروزگاري ۽معاشي بحران مان نڪرڻ جو حل حڪومت جو خاتمو آهي: اپوزيشن

ڪراچي (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان پيٽرول مهانگو ڪري عوام کي نئين سال جو تحفو ڏنو آهي، بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ٽوئيٽ بيان ۾ پيٽرول اگهن ۾ واڌ تي حڪومت مٿان تنقيد ڪندي چيو آهي ته پ پ جي دور ۾ عالمي معاشي بحران باوجود عوام تي مهانگائي جو بار نه وڌو ويو، هن چيو آهي ته مهانگائي کان ڇوٽڪاري جو حل عمران خان جي حڪومت جو خاتمو آهي، حڪومت پيٽروليم شين جي اگهن تي  عالمي منڊي جي اگهن موجب عوام کي رليف فراهم ڪري ٻئي پاسي مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو ته نئين سال تي پيٽرول بم ڪيرائڻ بدران بهتر هو ته وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ها، سڄي دنيا ۾ حڪومتون تهوارن جي موقعي تي قيمتون گهٽ ڪنديون آهن پر عمران نيازي مهانگائي جو بم ڪيرائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته حڪومت کان نئين سال تي ماڻهن جون خوشيون برداشت نه ٿيون، موجوده حڪومت جو ٻيو نالو، جبر، استحصال ۽ بي حسي آهي، شهبازشريف به وزيراعظم کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو ته عوام کي زنده درگور ڪرڻ بدران وزيراعظم استعيفيٰ ڏئي ها ۽ پنهنجي غلطين جي سزا قوم کي نه ڏئي، هن چيو ته نئين سال ۾ ظالم حڪومت جو خاتمو ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته اسان الله کان دعا ڪريون ٿا ته نئون سال قوم لاءِ مهانگائي، بدانتظامي، معاشي بدحالي، بک، جبر ۽ ناانصافي مان ڇوٽڪاري جي شروعات هجي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.