نجي هائوسنگ سوسائٽين جا نالا سرڪاري ادارن پٺيان رکڻ تي پابندي

اسلام آباد(م ڊ) سرڪاري ادارن جي نالي تي نجي هائوسنگ سوسائٽين جا نالا رکڻ تي پابندي مڙهي وئي آهي، وفاقي راڄڌاني ۾ ادارن جي نالي تي هائوسنگ سوسائٽيون بڻائڻ جي اجازت نه هوندي، سرڪاري ادارن جو نالو استعمال ڪري پهرين کان بڻيل هائوسنگ سوسائٽين جا نالا تبديل ڪرڻا پوندا، ان حوالي سان سي ڊي اي جي چيئرمين عامر علي احمد سوسائٽين جا نالا تبديل ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اهو تاثر قائم ٿيڻ جو انديشو آهي ته سوسائٽي شايد سرڪاري اداري جي آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به ان سلسلي ۾ هدايتون جاري ڪيون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.