سي پيڪ بلوچستان کي رڳو چيڪ پوسٽون ڏنيون آهن:مولانا هدايت الرحمان

حب(رپورٽ:يار محمد بروهي) گوادر کي حق ڏيو تحريڪ جي باني ۽ جماعت اسلامي بلوچستان جي صوبائي جنرل سيڪريٽري مولانا هدايت الرحمان بيله ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري جي ملازمن جي وارثن ۽ اي پي سي جي اهتمام هيٺ ريلي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته سي پيڪ اسان گوادر ۽ بلوچستان جي عوام کي ڪو فائدو ناهي، سي پيڪ بلوچستان کي رڳو چيڪ پوسٽون ڏنيون آهن، هتي ”باپ“ به موجود آهي ۽ ماءُ به موجود آهي ته پوءِ لسٻيلي سان تعلق رکندڙ بي سي ملازمن کي ضلعي پوليس ۾ ضم نه ڪرڻ حيرت جوڳو آهي، هن چيو ته بلوچستان جي تعليمي ادارن، اسپتالن ۽ تفريح گاهن تي چيڪ پوسٽون برداشت نه ڪنداسين ، لسٻيلي جا ماڻهو صابرين آهن جيڪي سالن کان سهولتن کان محرومي باوجود صبر ۾ آهن، هن چيو ته حب جي صنعتن ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار مهيا نٿو ڪيو وڃي، گڏاڻي ، ڊام بند ۽ ڪنڊ ملير جي مهاڻن سان ظلم ۽ استحصال خلاف ڌرڻو ڏينداسين، بيلا جي اسپتالن ۾ عوام کي پيناڊول گوري ميسر ناهي ۽ ترياق،ڪرسٽل ۽ شيشي  جهڙا نشا عام آهن، منهنجا اڪائونٽ منجمد ڪرڻ بدران ظهور بليدي، احسان شاهه ۽ ڄام ڪمال جا بئنڪ اڪائونٽ منجمد ڪيا وڃن، هن چيو ته لسٻيلي جي مسئلن مان نجات  ڏيارڻ لاءِ گوادر جهڙو ڌرڻو لسٻيلي ۾ به هڻنداسين، هن چيو ته بلوچستان جي ماڻهن کان هڪ ئي سوال ٿيندو آهي ته ڪٿان کان اچي رهيا آهيو، ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو، عوام جي تذليل ڪئي وڃي ٿي، جيڪي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.