مڪاني قانون خلاف سنڌ اسيمبلي آڏو ٻئي ڏينهن به ڌرڻو

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ ۾ نئين مڪاني قانون خلاف جماعت اسلامي جو سنڌ اسيمبلي ٻاهران ڌرڻو ڪالهه به جاري رهيو، جنهن جي اڳواڻي جماعت اسلامي جو امير حافظ نعيم الرحمان ڪري رهيو هو، ڌرڻي ۾ گوادر ۾ مهاڻن جي حقن لاءِ ڌرڻو هڻندڙ مولانا هدايت الرحمان به شريڪ ٿيو. ان موقعي تي حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ هو ته سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن فرينڊلي بڻجي وئي آهي، هاڻي اپوزيشن کي ڊرائنگ روم مان ٻاهر نڪرڻو پوندو، هن چيو ته ڪاري قانون ذريعي ڪراچي جي مڪاني ادارن تي قبضو ڪيو ويو آهي، جعلي ڀرتين ۽ ڪرپشن ڪرڻ لاءِ پ پ ادارن تي قبضا ڪندي آهي، اسين سنڌ اسيمبلي اڳيان ڌرڻو هڻي جعلي ۽ ڪاري قانون کي رد ڪري رهيا آهيون، اسين اهڙو قانون چاهيون ٿا جنهن ۾ ڪي ڊي اي، بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، واٽر بورڊ سميت ڪراچي جو هر ادارو ميئر جي ماتحت هجي. جماعت اسلامي جي ڌرڻي سبب سنڌ اسيمبلي ڏانهن ايندڙ ۽ ويندڙروڊ ٽريفڪ لاءِ بند رهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.