لاهور ۾ اومي ڪرون ۾ تيزي، ڪراچي گلشن اقبال ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون

لاهور/ڪراچي(م ڊ) لاهور ۾ اومي ڪرون تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، صحت کاتي موجب پنجاب ۾ سامهون آيل 50 ڪيسن مان 49 ڪيسن جو تعلق لاهور سان آهي، جڏهن ته لاهور ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 2 سيڪڙو ٿي وئي آهي، صحت واري سيڪريٽري موجب اومي ڪرون جي تصديق ڪرڻ انتهائي ڏکي آهي، پي سي آر ٽيسٽ ۾ به تصديق نه ٿي ٿئي، سيڪوينسنگ ذريعي اومي ڪرون جي تصديق ٿي رهي آهي، هن چيو ته 50 ڪيسن مان صرف هڪ جو تعلق بهاولپور سان آهي. ٻي طرف ڪراچي جي گلشن اقبال بلاڪ 7 ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.