صبا اسلم جو قاتل رمانڊ تي جيل حوالي، چالان پيش ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر)جڊيشل مئجسٽريٽ ڪراچي سينٽرل جي عدالت ۾ نيو ڪراچي جي علائقي بلال ڪالوني ۾ سوشل ورڪر صبا اسلم جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران پوليس رمانڊ پورو ٿيڻ تي جوابدار غضنفر کي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت جوابدار کي عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو آهي، عدالت 6 جنوري تائين ڪيس ملتوي ڪندي جاچ آفيسر کان چالان طلب ڪري ورتو آهي، پوليس چيو ته صبا کي 14ڊسمبر 2021ع تي گهر جي ٻاهران قتل ڪيو ويو هو، جوابدار جي قبضي مان هٿيار مليو آهي، پوليس موجب صبا پنهنجي پاڙي ۾ سماجي ڀلائي جا ڪم ڪندي هئي جيڪي جوابدار کي پسند نه هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.