نيب سٽيل آفيسر وري ڏچي ۾، سندن مقررين خلاف درخواست

ڪراچي (رپورٽر)نيب زده آفيسرن تي هڪ ڀيرو ٻيهر شامت اچي وئي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايڊمنسٽريٽر ايسٽ رحمت الله شيخ جي مقرري جي خلاف شهري غلام معين الدين يوسف زئي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ، مڪاني کاتي جي سيڪريٽري ۽ لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي سيڪريٽري کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو ويو ته رحمت الله شيخ نيب سان پلي بارگين ڪئي آهي، پلي بارگين ۽ وي آر ڪرڻ واري آفيسر جي مقرري نٿي ٿي سگهي، مقرري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي توهين آهي، ايڊمنسٽريٽر ايسٽ رحمت الله شيخ پنهنجي عهدي تان هٽايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.