سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 3 مريض فوت، 382 نوان ڪيس

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 مريض فوت ٿيا جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 7673 ٿي ويو آهي جڏهن ته 13422 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 382 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڇنڇر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري هڪ بيان ۾ چئي. هن وڌيڪ چيو ته ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ ٽي مريض پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا ۽ فوتين جي تعداد 7673 تائين وڌي ويو آهي جيڪي فوتين جي شرح جو 1.6 سيڪڙو آهي. مراد علي شاهه چيو ته 13422 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان 382 ڪيسن جي نشاندهي ڪئي وئي جيڪي 2.8 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهي. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 7143868 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن جن مان 481207 ڪيسن جي تشخيص ٿي آهي انهن مان 97.3 سيڪڙو يعني 468063 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 86 مريض پڻ شامل آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.