18 ارب رپين جي اوڳاڙي لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جي تياري

اسلام آباد(م ڊ) عوام جي کيسي مان 18 ارب رپين جي اوڳاڙي لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن، بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين ٽيرف وڌائڻ لاءِ  نيپرا سان رابطو ڪري ورتو آهي، چيو ويو آهي ته ٽيرف ۾ واڌ هلندڙ سال جي شروعاتي ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪئي ويندي، بجلي اگهن ۾ واڌ سان صارفين تي 17 ارب 85 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ بار پوندو، جڏهن ته نيپرا ڊويزن جي درخواست تي ٻڌڻي 12 جنوري تي ٿيندي، ياد رهي ته 9 ڊسمبر تي بجلي جو في يونٽ اگهه 4 رپيا 74 پئسا وڌايو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.