نئين سال ۾ اپوزيشن سان تلخيون گهٽائڻ جي آڇ، مهانگائي جو احساس آهي: وفاقي سرڪار

اسلام آباد (اي پي پي+بيورو+م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سال 2022ع جي شروع ٿيڻ تي اسان کي تلخيون گهٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي، حڪومت ۽ مخالف ڌر

اليڪشن، معيشت، سياسي ۽ عدالتي سڌارن تي ڳالهه ٻولهه ڪن. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان هڪ عظيم ملڪ آهي اسان کي پنهنجي ذميوارين جو احساس ڪرڻ جي ضرورت آهي. پارليامينٽ ۾ فساد عام ماڻهو جي نظر ۾ سياستدانن جو وقار گهٽ ڪري ٿو، هوڏانهن فواد چوڌري چيو ته اميد آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل ۽ گئس جا اگهه گهٽ ٿيندا، پيٽرول اگهه طئي ڪرڻ بابت پيٽرن تبديل ڪرڻو پوندو، قيمتون وڌيون آهن، حڪومت گهٽ ڪرڻ چاهي ٿي ته سبسڊي ڏيڻي پوندي،هن چيو ته تيل اگهه وڌڻ جو آءِ ايم ايف سان ڪو به تعلق ناهي، آءِ ايم ايف وٽ ناهي وڃڻو ته اپوزيشن متبادل ڏئي، رپئي جو قدر مستحڪم رکڻ لاءِ ن ليگ 7 ارب ڊالر رکي ڇڏيا هئا، فنانس بل جنوري ۾ منظور ٿئي ٿو ته ڊالر جو اگهه وڌيڪ ڪرندو، هن چيو ته مشڪلات آهن، مڃان ٿو، ايندڙ 5 مهينن ۾ قيمتون گهٽ ٿينديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.