ضروري ناهي ته نوازشريف هن سال واپس موٽي: شاهد خاقان

اسلام آباد(م ڊ) ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ماضي ۾ اسان اتفاق راءِ سان ڪيتريون ئي ترميمون منظور ڪرايون، حڪومت پارليامينٽ ۾ بحث ڪرائي ۽ حل ڪڍي، هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته پارليامينٽ ۾ اتفاق راءِ جي بلڪل گنجائش آهي، شهبازشريف پهرين ڏينهن چيو ته اچو ميثاق معيشت تي ڳالهايون ٿا، چوڻ سان ڪجهه ناهي ٿيندو، حڪومت پاران رڳو ڳالهيون ڪيون وينديون آهن،ٿيندو ڪجهه ناهي، حڪومتي رويو ئي مسئلا حل ڪرڻ وارو ناهي، هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ميمبرن کي ڳالهائڻ جي اجازت نٿي ڏني وڃي، حڪومت جي ڳالهين واري نيت ئي ناهي هوندي، ضروري ناهي ته نوازشريف هن سال اچي، جڏهن علاج مڪمل ٿيندو ته پوءِ ايندو، اهو پارٽي جو موقف آهي، ڪنهن کي به خبر ناهي ته نوازشريف ڪڏهن اچي رهيو آهي، اڳواڻ ان حوالي سان سياسي بيان ڏئي رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.