جماعت اسلامي پاران حڪومت مخالف تحريڪ جو اعلان، اسٽيٽ بئنڪ جو گهيرو ڪنداسين: سراج الحق

اسلام آباد (م ڊ+بيورو) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته اڄ اسان جي اسٽيٽ بئنڪ اسان جي ناهي رهي، گورنر اسٽيٽ بئنڪ آءِ ايم ايف آڏو جوابده آهي، هن کان استعيفيٰ ورتي وڃي، کيس نه هٽايو ويو ته اسان اسٽيٽ بئنڪ جو گهيراءَ ڪري سگهون ٿا، ملڪ ۾ مهانگائي، ڪرپٽ حڪمرانن ۽ وياجي نظام سبب آهي، اڄ ملڪ ۾ مهانگائي ۽ وياجي نظام خلاف بغاوت جو اعلان ڪريون ٿا، اسلام آباد ۾ وياج خلاف جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته حڪومت مديني جي اسلامي رياست جي ڪوڙي دعويٰ ڪري ٿي، ايڪسٽينشن، ايف اي تي ايف کان مني بجيٽ تائين اپوزيشن هر موقعي تي سهولتڪاري جو ڪم ڪيو، حڪومت ۽ اپوزيسن وچ ۾ ميچ پهرين ڏينهن کان فڪس ٿيل آهي،هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف مون سان گڏ مديني پاڪ ۾ ويهي وياجي نظام جي خاتمي جو واعدو ڪيو هو، پوءِ ڦري ويو، هن چيو ته 22 ڪروڙ جي آبادي مان رڳو 30 لک ماڻهو ٽيڪس ڏين ٿا، ماڻهوٽيڪس ان ڪري نٿا ڏين ته ملڪ تي ڪرپٽ حڪمران مڙهيل آهن، هن چيو ته اهي پاڻ چوندا هئا ته پيٽرول، کنڊ، بجلي ۽ گئس اگهن ۾ اضافو ٿئي ته ان جو مطلب ته وزيراعظم چور آهي، اڄ سڄي ملڪ ۾ ڀاڻ اڻلڀ آهي، ريٽائرڊ ججن ۽ جنرلن کي ٻيهر سرڪاري ملازمتن سان نوازيو ويو آهي، هن چيو ته ڊرامي بازي بند ڪرڻ واري پ پ پاڻ اين آر او وٺي اقتدار ۾ آئي، نوازشريف پاڻ فوجي گملن ۾ پرورش ورتي، اهي ڪهڙي منهن سان اسٽيبلشمينٽ کي مائنس ڪرڻ جي ڳالهه ڪن ٿا،  هن چيو ته سال جي پهرين ڏينهن کان مهانگائي وڌي، وزيراعظم کي چوان ٿو ته هاڻي بس ڪر، حڪومت ڇڏي ڏئي،  جماعت اسلامي  ڪراچي کان چترال، گوادر کان اسلام آباد تائين حڪومت مخالف تحريڪ جو اعلان ڪري ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.