نوابشاهه ۾ ڦر جي ڪوشش، مارٽ مالڪ قتل، مزاحمت تي ڦورو مارجي ويو

نوابشاهه(رپورٽ: ايم بي چانڊيو) نوابشاهه ۾ ڦر دوران مزاحمت تي 2 ڄڻا مارجي ويا، رپورٽ موجب نوابشاهه جي علائقي عماز علي شاهه ڪالوني ۾ پيٽرول پمپ جي مارٽ ۾ ھٿيارن جي زور تي ڦر جي ڪوشش دوران ڦورن سان مزاحمت تي مارٽ  جو مالڪ سليم رحمان ۽ ھڪ ڦورو مارجي ويا، جڏهن ته مارٽ تي موجود ٻيو نوجوان وسيم رحماني سخت زخمي ٿي پيو. اطلاع تي بالو جا قبا پوليس پھچي فوتين جا لاش ۽ زخمي کي نوابشاهه جي پي ايم يو اسپتال آندو. جتان مارٽ مالڪ جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. واقعي واري ھنڌ موجود اکين ڏٺن شاهدن موجب اسان ھوٽل تي موجود ھئاسين تي موٽر سائيڪل تي سوار ٽي ڄڻا مارٽ اندر داخل ٿيا، جنھن کان فائرنگ ٿي ۽ ھڪ ڦورو ۽ مارٽ جو مالڪ مارجي ويا ۽ 2 ڦورو موقعي تان فرار ٿي ويا، بالو جا قبا پوليس جو چوڻ آھي ته مار جي ويل ڦورو جي ھن وقت تائين سڃاڻپ ناھي ٿي سگھي، وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.