قمبر ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ، ڪڻڪ جو فصل سڪڻ شروع

قمبر (رپورٽ: محمود شيخ ) قمبر ۾ يوريا ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ شدت اختيار ڪري وئي، ڊيلرن پاران روينيو ۽ زراعت کاتي جي ملي ڀڳت سان 1900 واري ٻوري 2800 کان 3 هزار رپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي، ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ سبب ضلعي ۾ ڪڻڪ جو فصل سُڪڻ شروع ٿي ويو آهي، جنهن ڪري هارين ۽ آبادگارن جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا آهن، ان باوجود انتظاميا ڪو تحرڪ ورتو آهي، آبادگار اڳواڻن رياض چانڊيو، غلام مصطفيٰ چانڊيو، عرفان گوپانگ، حسين علي چانڊيو ۽ ٻين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد ڀاڻ جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ سرڪاري سطح تي تڪڙا اپاءَ وٺي ڀاڻ جا خريداري مرڪز کولي آبادگارن جي پريشاني ۽ معاشي تنگي ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.