سرداري نظام معاشرو تباهه ڪري ڇڏيو، شيرين جوکيو کي سلام پيش ڪيان ٿو: حليم عادل

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) مقتول ناظم جوکيو جي گهرواري پاران وزيراعظم عمران خان کي مدد جي اپيل ڪرڻ بعد سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ مقتول ناظم جوکيو جي گهر پهچي ويو، مقتول جي گهرواري ۽ وارثن سان ملاقات، وزيراعظم عمران خان ناظم جوکيو قتل ڪيس جي وفاقي سطح تي جي آءِ ٽي جوڙي آهي وارثن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ هر مدد ڪنداسين، قاتل ڪيترا به بااثر ڇونه هجن قانون کان بچي نه سگهندا، اهڙن ڳالهين جو اظهار سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ شهيد ناظم جوکيو جي گهر پهچي مقتول جي گهرواري ۽ وارثن سان ملاقات دوران ڪيو، ان موقعي تي ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته ڪجهه ڏينهن برادري طور تي صلح جون ڳالهيون ٿيون ان ڪري اسان معاملي ۾ مداخلت نه ڪئي، شهيد ناظم جوکيو جي گهرواري پاران وزيراعظم پاڪستان کي انصاف لاءِ اپيل بعد اسان پهتا آهيون ناظم جوکيو حق جي خاطر پنهنجي جان ڏني ناظم جوکيو جي قتل بعد سندس لاش ست ڪلاڪ اسپتال پيل رهيو جنهن بعد وارثن پاران اسان سان رابطو ڪيو ويو ان بعد اسان اسپتال پهچي مقتول جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ٿاڻي پهچي ايف آءِ آر ڪرائي، گورنر تڏي تي آيو ۽ جي آءِ ٽي لاءِ پڻ ڪوششون ورتيون، جنهن بعد اسان ٻڌو ته فيصلي لاءِ ڪي ڳالهيون هلي رهيون آهن ان ڪري اسان وچ ۾ نه آياسين ته متان ڪو اسان کي ائين سمجهي ته هي سياست ڪري رهيا آهن اسان هنن کي استعمال ڪري ڪو سياسي فائدو وٺڻ چاهيون ٿا ان ڪري اسان ڪجهه عرصو خاموش رهياسين اڄ کان ٻه ڏينهن اڳ سنڌ جي ڌيءَ شيرين جوکيو جي ڪورٽ ۾ وڊيو آئي جنهن ۾ هن وس وارن کان مدد جي اپيل ڪئي ان باوجود جيڪڏهن اسان سندس مدد نه ڪيون ها ته اسان ۾ غيرت نه هجي ها، اسان سياست نه پيا ڪيون پر انسانيت جي لاءِ ساڻن گڏ بيٺل آهيون، سرداري نظام معاشري کي تباهه ڪيو آهي ناظم جوکيو جو لاش مون ڏٺو هو جنهن تي سخت تشدد ٿيل هو وڊيو دوستن رڪارڊ ڪئي جيڪا ڏسڻ جهڙي نه هئي اها ڊليٽ ڪئي مان شيرين جوکيو کي سلام پيش ڪيان ٿو جنهن جرئت جو مظاهرو ڪيو آهي هڪ غريب عورت جيڪا غليل کڻي شينهن جو مقابلو ڪرڻ نڪتي آهي، سڀني کي گهرجي سندس مدد ڪن، وزيراعظم جي آءِ ٽي جوڙي آهي اميد آهي ته انصاف ڏياريو ويندو شهيد جي وارثن کي مختلف لالچون ڏنيون پيون وڃن ڪير پئسن جي لالچ ته ڪير نوڪري جي لالچ ڏي ٿو افسوس جي ڳالهه آهي ته انصاف بجاءِ مقتول جي وارثن کي لالچ ڏئي خاموش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اوهان جي اسيمبلي جي ميمبرن هڪ جي جان ختم ڪري ڇڏي، مان جوکيو برادري جي ماڻهن کي سلام پيش ڪريان ٿو جيڪي مظلوم سان گڏ بيٺل آهن، شهيد ناظم جوکيو جي گهرواري جيئن چاهي ٿي ائين ٿيندو اسان هن ڏکي وقت ۾ساڻن گڏ بيٺل آهيون.

  • هاڻي سرداري نظام ختم ٿيڻ گهرجي: شيرين جوکيو

ملير: سنڌ اسيمبلي ۾اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جي ملاقات بعد مقتول ناظم جوکيو جي وني شيرين جوکيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مان حليم عادل شيخ جي ٿورائتي آهيان جنهن اسان جي شروعات کان اسان جي هر ممڪن مدد ڪئي، هاڻي سرداري نظام ختم ٿيڻ گهرجي ۽ مان سڄي سنڌ کي اپيل ٿي ڪريان ته انصاف لاءِ اسان جو ساٿ ڏين، منهنجي مڙس کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، جنهن جو قصور صرف اهو ته هن وڊيو ٺاهي هئي جنهن تي هنن سردارن منهنجي ٻچن کي يتيم ڪري ڇڏيو آهي منهنجا معصوم ٻچا پنهنجي بابا کي پڪاري رهيا آهن، مان وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاهه کي اپيل ٿي ڪريان ته اوهان جيڪي واعدا ڪيا هئا انهن تي عمل ڪرائي اسان کي انصاف ڏياريو وڃي جڏهن ته وزير اعليٰ سنڌ اسان جي مالي مدد پڻ ڪئي هئي جنهن تي مان شڪر گذار آهيان.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.