مريم نواز ۽ شاهد خاقان خلاف توهين عدالت جي درخواست خارج

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار تي تنقيد ڪرڻ بابت مريم نواز ۽ شاهد خاقان خلاف توهين عدالت جي اپيل رد ڪري ڇڏي، عدالت چيف جسٽس اطهر من الله جي فيصلي کي برقرار رکيو ۽ اپيل خارج ڪري ڇڏي،سنگل بينچ جي فيصلي خلاف مقامي وڪيل پاران انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪئي هئي، جنهن ٻڌڻي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس ارباب محمد طاهرتي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪئي عدالت چيو ته درخواستگذار نه ٻڌائي سگهيا ته ڪهڙي عدالتي حڪم جي ڀڃڪڙي آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي عدالت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ٿي، ڪنهن جي به مطالبي تي توهين عدالت جي ڪارروائي نٿي ٿي سگهياسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ۽ جسٽس ارباب محمد طاهر لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي درخواست رد ڪري ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.