ٽنڊوباگو ۾ ڀاڻ جي ٽرالر تي سوين شهري ڪڙڪي پيا، 2 سئو کان وڌيڪ ٻوريون ٻهاري ويا

ٽنڊوباگو (رپورٽ: دوست محمد چانڊيو) ٽنڊي باگي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ٽنڊوباگو ڇاپو ھڻي بااثر واپاري پاران گھرايل ڀاڻ جون 600 ٻوريون ھٿ ڪري ورتيون، ڪالهه هڪ ٽرالر سونا يوريا ڀاڻ جون 600 ٻوريون کڻي ٽنڊوباگو شھر پھتو ته اطلاع ملڻ تي زراعت کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر منور علي راجپر ٽيم ساڻ ڪري مختيار ڪار ٽنڊوباگو جي آفيس سامھون ڇاپو هڻي ڀاڻ سان ڀريل ٽرالر پنھنجي قبضي ۾ وٺي ڀاڻ جي ٻورين کي شھر جي ھڪ گدام تي آندو، ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر منور راجپر چيو ته اسان کي واپاري اطلاع ڪيو ھو پر اسان کيس ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪرڻ کان بچائڻ لاءِ پنھنجي قبضي ۾ وٺي شھر جي گودام ۾ لهرايون آهن، جتان زميندارن کي سرڪاري ريٽ تي ڀاڻ فراھم ڪيو ويندو، ٻي طرف اطلاع ملڻ تي وڏي انگ ۾ هاري، آبادگار ۽ زميندار پهچي ويا، ان دوران ڳالھيون ناڪام ٿيڻ تي ماڻهو ڄاڻايل ڀاڻ جي ٽرالر تي ڪڙڪي پيا ۽ پئسا ڏيڻ بنا ڀاڻ جون 200 سئو کان وڌيڪ ٻوريون لاھي رڪشائن، گاڏين ۽ ڪلھن تي رکي کڻي روانا ٿي ويا، ان دوران مزاحمت ڪرڻ تي ٽرالر جي ڊرائيور کي لٺيون ھڻي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، ان موقعي تي ڊرائيور صحافين آڏو ڀاڻ جي زبردستي ڦرلٽ ۽ مٿس تشدد جون دانھون ڪندو رھيو پر اطلاع باوجود نه انتظاميا نه پھتي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.