ڪراچي ۾ گهرو جهيڙي تان پٽ هٿان ماءُ قتل،ڀاءُ زخمي

ڪراچي(رپورٽر)سپر مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ۾ واقع لياقت آباد واري علائقي ۾ گهريلو تڪرار سبب هڪ جوابدار بدر علي بيگ تيز ڌار خنجر جا وار ڪري پنهنجي ماءُ  55  ورهين جي ملائڪا شاهين زال اقبال علي بيگ کي قتل ۽ پنهنجي ڀاءُ  28 ورهين جي بلال کي زخمي ڪري ڇڏيو. اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ تي پهچي واردات ۾ ملوث  جوابدار بدر علي کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته لاش ۽ زخمي کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.