ٺٽي ۾زرعي يونيورسٽي پاران فيس وڌائڻ خلاف ريلي

ٺٽو(ڊ ر) سنڌ زرعي يونيورسٽي سميت سنڌ جي سڀني يونيورسٽين ۾ فيسن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي خلاف شاگرد اتحاد ٺٽو پاران ريلي ڪڍي پريس  ڪلب ٺٽو اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. احتجاج ۾ پورھيت مزاحمت، قومي عوامي تحريڪ، ايس ايس ٽي ۽ جميعت طلباء اسلام جا اڳواڻ به شامل ٿي ويا. شاگرد دشمن ھر دستور نامنظور، شاگردن جو معاشي قتل عام بند ڪريو جھڙا زوردار نعرا ھڻي رھيا ھئا. ان موقعي تي شھريار ڪيريو، مجاھد بلوچ، ياسر جاکرو، فيضان اسماعيل ميمڻ، بشير جوکيو، ولي الله بلوچ ۽ ٻين چيو ته زرعي يونيورسٽي سميت ٻين يونيورسٽين ۾ ڳاٽي ٽوڙ فيسن ۾ اضافو ڪيو ويو آھي، ھڪ ته بيروزگاري ۽ مھانگائي غريبن کان جيئڻ جو حق کسيو پيو وڃي، شاگردن کي ديوار سان لڳايو پيو وڃي، تعليم ھر ماڻھو جو بنيادي، قانوني ۽ آئيني حق آھي پر ھتي طبقاتي نظام آھي غريب جي ٻارن کي اھي سھولتون نٿيون ملن جيڪي ھڪ ڪاموري، وزير ۽ ايم پي اي ۽ سرمائيدار جي پٽ کي ٿي ملي. تعليم ۽ صحت بنيادي حق آھي انھن کي خانگايو پيو وڃي ھر جڳھ تي سرمائيداري نظام مسلط آھي، شاگردن کي ھٿ وٺي غير سياسي بڻايو پيو وڃي. جيڪڏھن اسان جا مطالبا نه مڃيا ويا ته جلد احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.