تڪرار ختم ڪيو، اوڍا، ناريجا شرن وٽ ميڙ پهتو، مهلت طلب

پيرجوڳوٺ (رپورٽ : علي گل جوڻيجو) پيرجوڳوٺ لڳ فيض محمد ٻندو واري علائقي ۾ جھيڙيندر ڌرين اوڍا، ناريجا، شر، مڱڻيجا برادرين وچ ۾ هلندڙ خوني تڪرار کي ختم ڪرائي صلح ڪرائڻ لاءِ ڪراچي بار جي نالي واري قانوندان ايڊوڪيٽ رضا  حسين شر جي ڪوششن سان جسقم جي وائيس چيئرمين امجد مھيسر، اسٽيف فائونڊيشن جي چيئرپرسن ميڊم شائسته بلوچ، محمد هاشم راھوجو، ايڊوڪيٽ شفقت حسين مھيسر، محمد عاشق راھوجو، شھناز شيخ، گسٽا اڳواڻ مقصود احمد مھيسر، شيردل زاھد خان ڦلپوٽو جي اڳواڻي ۾ سوين ميڙمنٿ ماڻهن جو قافلو ڳوٺ قائم الدين اوڍو پھچي امان الله اوڍو جي رھائشگاھ تي اوڍا برادري جي چڱن مڙسن کي جھيڙو ختم ڪرڻ لاءِ ٺاھ جي اپيل ڪئي مان الله اوڍو ميڙمنٿ ۾  شامل ماڻهن کي ورندي ڏيندي چيو ته اسان جا چڱا مڙس ۽ برادري جا وڏا پنهنجي سردار جي پڳ ٻڌڻ واري رسم ۾ ويل آھن ٽن ڏينهن جي مھلت ڏني وڃي جيئن ئي هو واپس ايندا بھتر ورندي ڏني ويندي، بعد ۾ ساڳو ميڙمنٿ قافلو ڳوٺ امام بخش شر ۾ پھچي مقتول سعيد احمد شر جي وارثن گلشير احمد شر جي اوطاق تي پھچي کين ٺاھ جي اپيل ڪئي گلشير شر ٺاھ جو راضپو ظاھر ڪيو،حسين بخش ناريجو، فقير محمد ناريجو، ممتاز علي ناريجو، راھب ناريجو، لياقت علي ناريجو، اسد الله ناريجو، حاجي امان الله ناريجو ۽ ٻين ميڙمنٿ قافلي کي مان ڏيندي چيو ته اسان جي برادري ٺاھ لاءِ هر وقت حاضر آھي هڙي ورندي ملڻ بعد ميڙمنٿ قافلو ڳوٺ گل  حسن مڱڻيجو ۾ پھچي مقتول ڪليم الله ۽ احمد علي مڱڻيجو جي وارثن جي اوطاق تي پھتو، مڱڻيجا برادري جي ماڻهن ميڙمنٿ قافلي کي عزت ۽ مان ڏنو ۽ ٺاھ جي اپيل جي ورندي ۾ چيو ته علائقي جي امن، پاڙيسرين سان ڀائرن وانگر ٿي رھڻ ۽ ڪنگري تعلقي جي ترقي خاطر اسان سڀ ڏک وساري ٺاھ لاءِ راضپو ظاھر ڪريون ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.