اڏيري لعل وليج ۾ڀاڻ 3100 رپيا في ٻوري بليڪ تي وڪرو، آبادگار پريشان

اڏيرولعل وليج (رپورٽ معشوق علي قمبراڻي)سنڌ ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ. مافيا يوريا ڀاڻ لڪائي ڇڏيو، في ٻوري 3100 ۾ وڪرو ٿيڻ لڳي آهي. ان موقعي تي اڏيرولعل جي ننڍن آبادگارن محمد اسلم  راجپوت، وسيم شيخ، قدير احمد راجپوت، مبارڪ قمبراڻي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته هن وقت چيٽ جو فصل هلي رهيو آهي جنهن کي ڀاڻ نه ملڻ سبب ڪڻڪ جي پيداوار ٽيهن کان 40 سيڪڙو گھٽجڻ جو خدشو آهي. هن وقت ٿئي ائين پيو ته وڏا زميندار ته ڊيلرن مرفت ٽريلر ۽ ٽرڪون ڀرايون پيا وڃن پر اسان جهڙن ننڍن زميندارن لاءِ ڀاڻ نه آهي. مٿان وري جنوري جي مهيني ۾ وارا بندي اچڻ واري آهي جيئن ته هن وقت ڪڻڪ جي فصل کي يوريا ڀاڻ جي سخت ضرورت آهي، جيڪڏهن ڪڻڪ کي بروقت ڀاڻ نه ڏنو ويو ته ڪڻڪ جي پيداوار ۾ 30 کان 40 سيڪڙو ڪڻڪ گهٽ لهندي. سنڌ ۾ ڪڻڪ گهٽ لهڻ ڪري اناج جي کوٽ ٿيندي جنهن ڪري کائڻ جو اٽو مهانگو ٿيندو. وڏا زميندار ته پنهجي کائڻ لاءِ ڪڻڪ رکي ڇڏيندا پر غريب طبقو ڪيڏانهن ويندو جيڪو هونئئي حڪومت طرفان روز به روز وڌندڙ مهنگائي جي چڪي ۾ پيڙهجي رهيو آهي. هنن وڏي وزير سيد مراد علي شاھه ۽ زراعت جي وزير اسماعيل راهو کي پر زور اپيل ٿا ڪريون ته سنڌ مان يوريا ڀاڻ جي ڊيلرن طرفان ڀاڻ کي اسٽاڪ ڪري  هٿرادو کوٽ کي ختم ڪرائي ايندڙ بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.