حيدرآباد ۾ هوائي فائرنگ ۽ آتشبازي دوران 3 ڄڻا زخمي

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ نئين سال جي خوشي ۾ ٿيل هوائي فائرنگ ۽ آتشبازي دوران 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ٻڌايو پيو وڃي ته پابندي باوجود نئين سال جي آجيان دوران لطيف آباد، شهر ۽ ٽيو نمبر تلاءُ وارن علائقن ۾ ٿيل هوائي فائرنگ ۽ آتشبازي دوران 3 ڄڻا زخمي ٿيا، جڏهن ته ڪلهوڙا ڪالوني ۽ شاهي بازار ۾ هوائي فائرنگ ڪندڙ نوجوانن جون وڊيوز به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن. وڊيوز ۾ نوجوانن کي آساني سان فائرنگ ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته ڦليلي ٿاڻي جي حد ٽيو نمبر تلاءُ واري علائقي ۾ اڻڄاتل گولي لڳڻ سبب شيراز پٺاڻ جڏهن ته لطيف آباد يونٽ نمبر 12 ۾ نعمان علي ۽ سٽي واري علائقي ۾ جنيد نالي شخص زخمي ٿيا، جن کي ڀٽائي ۽ سول اسپتال ۾ طبي امداد لاءِ داخل ڪيو ويو آهي. پوليس واقعن جا اڃا تائين ڪيس داخل نه ڪيا آهن ۽ نه ئي وري پابندي باوجود پوليس فائرنگ ڪندڙن خلاف ڪا ڪارروائي ٿي سگهي آهي.17

  • ڪشمور ۾ ڀاڻ بليڪ تي وڪرو جاري، انتظاميا بااثرن سان ٻٽ

ڪشمور(ن ع آ) ڪشمور ۾ يوريا ڀاڻ جو بليڪ تي وڪرو بند نه ٿي سگهيو انتظاميا ڀاڻ ڊيلرن سان ٻٽ بڻجي وئي ڪشمور جي  انڊس هاءِ وي روڊ تي قائم ڀاڻ جي ڊيلرن ۽ ٽريڊرز مافيا روينيو عملدارن جي ملي ڀڳت سان رات جي اونداهي ۾ 1600 يوريا ڀاڻ جون ٻوريون پنهنجي گودامن تي منتقل ڪري ڇڏيون، ڀاڻ ڊيلرن ، مڪيش سومر مل ۽ ٻين ٽريڊرز پاران ملي ڀڳت ڪندي رات جي وقت ڀاڻ جا 2 ٽرالر پنھنجي گودامن تي منتقل ڪري ڇڏيا ٻئي پاسي ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي طرفان ڀاڻ جي گاڏين خلاف ڪارروائي لاءِ مقرر روينيو اسسٽنٽ ارشاد کوسو ڀاڻ ڊيلرن جي جي گودامن تي ڀاڻ اسٽاڪ ٿيندي ڏسي ميڊيا کي موقف ڏيڻ بدران کسڪي ويو ذريعن جو چوڻ آهي ته روينيو اسسٽنٽ ارشاد کوسو ڪيتريون ئي تحويل ۾ ورتل ڀاڻ جون ٻوريون  ڀاڻ جي ٽريڊنگ ڪندڙ روي ڪمار وجي ڪمار کي ڪميشن عيوض وڪرو ڪيون آهن ٻئي پاسي ڪشمور جا مقامي آبادگار سراپا احتجاج بڻيل آهن آبادگارن جو چوڻ آهي ته رات جي اونداهي ۾ ڀاڻ پھچي ٿي ڊي سي ڪشمور جو مقرر ڪيل عملدار ارشاد کوسو ڊيلرن ۽ ٽريڊرز سان ملي ڀڳت ڪري آبادگارن ۾ ڀاڻ ورھائڻ بدران انهن جي گودامن تي ڀاڻ منتقل ڪئي وڃي ٿي آبادگارن ڪمشنر لاڙڪاڻو، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه کان مطالبو ڪندي ڀاڻ بليڪ تي وڪري ۾ ملوث انتظاميا ۽ ڊيلرز ٽريڊرز مافيا خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.