ا حمدپور ۾ مختيار ڪار بااثرن کي ڀاڻ ڏئي روانو، متاثرن جواحتجاج

احمدپور (ن ع آ) احمدپور شھر ۾ مختيار ڪار ڪنگري غلام شبير ڪلھوڙو جي يوريا ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪندڙ ڊيلرن ۽ واپارين خلاف نالي  ماتر ڪارروائي، پئسا وٺي واپس روانو ٿي ويو آبادگارن جو احتجاجي مظاهرو مختيار ڪار خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي آبادگارن امداد ميتلو، امتياز علي شر، عطا محمد ميتلو، محمد علي ميتلو، فتح محمد ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته مختيار ڪار ڪنگري احمدپور ۾ پھچي نالي ماتر ڪارروائي ڏيکاري سريعام بليڪ تي ڀان وڪرو ڪندڙ واپارين ۽ دڪاندارن کان رشوت جا پئسا وٺي واپس روانو ٿي ويو آهي ان موقعي تي ھنن ڊپٽي ڪمشنر خيرپور راجا طارق چانڊيو ۽ ٻين واسطيدار اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بااثر ڊيلرن ۽ واپارين خلاف ڪارروائي ڪري آبادگارن کي سرڪاري اگھ تي ڀاڻ ڏياريو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.