ڦلجي ۾ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن جو ڌرڻو

ڦلجي (ن ع آ)  ڦلجي شهر ۾ ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن ۽ سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري حيدر چوڪ تي ڌرڻو هڻيو ويو ڌر ڻي جي اڳواڻي آباد گار حاجي ادريس پنھور، گلزار پنھور، نظير پنھور، جسقم اڳواڻ لالا ظهير سومرو ،رمضان پنھور ،ڪامريڊ خالد کوسو، ۽ ٻين جي اڳواڻي م ڊوڙڻو ھنيو ويو ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ڊي سي او دادو خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي احتجاج ڪندڙن وڌيڪ چيو ته ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ ڪري ڀاڻ وڌيڪ اڳ تي وڪرو ڪيو پيو وڃي ڀاڻ جي کوٽ سبب ڪڻڪ جي فصل جي پوکائي نه ڪري سگھيا آهيون جيڪڏهن بر وقت ڀاڻ نه مليو ته ڪڻڪ جو فصل نه ٿي سگهندو جنھن جي ڪري وڏو معاشي بوحران پيدا ٿي ويندو احتجاج ڪندڙن چتا ڏيندي چيو ته ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ ختم نه ڪئي وئي ته مرحلي وار جدوجهد جاري رھندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.