سلطان ڪوٽ ۾ بدامني، ھڪ رات ۾ چوري جو 2 وارداتون

سلطان ڪوٽ(ن ع آ) لڳ ھمايون شريف ۽ سلطان ڪوٽ سب ڊويزن ۾ چوريون ۽ ڦرون روز جو معمول بڻجي ويون پوليس چورن ۽ ڦورن اڳيان  خاموش ۽ تماشائي بڻيل ھڪ رات ۾ چورين جون ڌار ڌار ٻه وارڌاتون ھمايون شريف مان اڳوڻي صوبائي وزير ميان عبدالباقي پيچوھو جي ڪمدار ڳوٺ علي حسن ريٽي مان سومر ريٽي جي گھر مان رات 2 ڀلوڙ مينھون چور ڪاھي فرار ٿي ويا ساڳي رات ۾ سلطان ڪوٽ ٿاڻي جي حد مان رات آغا نادر علي پٺاڻ جي اوطاق مان پالڻ لاء بيٺل 10رڍون چور ڪاھي فرار ٿي وياآهن رڍون ۽ مينھون جا پيرا  ڀاڳين پياران کيان ويا جيڪي جاڳڻ جي ڪچي جي علائقي ۾ گم ٿي ويا آهن گھر ڌڻي آغانادر علي پٺاڻ جو چوڻ ھو ته اطلاح باوجود ايس ايڇ سلطان ڪوٽ محمد نواز ڪورائي لڙي به نه آيو اڌ ڪلاڪ تائين چورن ۽ ڀاڳين ۾ دوب دو فائرنگ به ڪئي وئي ھئي پر پوليس چئي پئي ته نيو سال آهي ان جي خوشي ۾ فائرنگ جو آواز ٻڌي اسان نه اچي سگھيا آھيون ۽ ايس ايڇ او سلطان محمد نواز ڪورائي جو چوڻ آهي ته ٿاڻي تي پوليس جي نفري به ناھي مان اڪيلو ڪجهه به نٿو ڪري سگھان ڏينهن جو ڪوشش ڪري جانچ ڪئي ويندي.  چوري ڪٿا ٿي آهي ڪنهن جي ٿي آهي جڏهن ته عوامي آواز اخبار  پاران حد جي پوليس سان بار بار رابطي ڪرڻ جي ڪو شش ڪئي وئي پر پوليس ڪو به جواب نه ڏنو گھر ڌڻين ايس ايس پي شڪارپور کان اپيل ڪندي چيو آهي ته چوري جو نوٽيس وٺي اسان جون چوري ٿيل مال واپس ڪرائي ۽ ايس ايڇ او سلطان محمد نواز ڪورائي کي معطل ڪري بدلي ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.