غوثپور لڳ گھر کي کاٽ موٽرسائيڪل چوري

غوثپور (ن ع آ) جمال پوليس ٿاڻي جي حد روزانو چوري ڦر جا واقعا  معمول بڻيل ايس ايڇ او جمال ڏوهارين اڳيان بي وس بڻيل ڳوٺ راجا غوث  بخش بجاراڻي ۾ نامعلوم ھٿياربندن پاران عبدالخالق ميراڻي جي گهر ۾ گهڙي 4 ٻڪريون  هڪ سي ڊي موٽر سائيڪل 2019 ماڊل گهر کي کاٽ هڻي چوري ڪري فرار ٿي ويا اطلاع ملڻ جي باوجود جمال پوليس واقعي واري هنڌ نه پھتي  انچارج  عبدالطيف ميراڻي  علائقي واسين لاء آزار بڻجي ويو جنهن جي اچڻ سان بدامني عروج تي چورين جو آزار وڌي ويو غريب ماڻهون لاء رات جاڳي گذارين ٿا,جمال پوليس ٿاڻي انچارج چورن کي گرفتار ڪرڻ بدران ايندڙ ويندڙ موٽرسائيڪل کي زبردستي روڪي چيڪنگ بهاني روڪي  ماڻهن کان هڪ هزار روپيه   رشوت طلب ڪري ورتو  نه ڏيڻ جي صورت ۾ ان پوليس ٿاڻي تي وٺي مختلف ڪيس داخل جون ڌمڪيون ڏيئي انهن زبردستي پئسا وصول ڪرڻ مصروف آ علائقي  واسين  ايس ايس  پي ڪشمور امجد شيخ کان مطالبو ڪندي چيو ته انچارج کي هٽائي هڪ ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.