ٽنڊي الهيار ۾ گهر مان همراهه جو تشدد ٿيل لاش هٿ

ٽنڊوالهيار (ڊ ر)ٽنڊي الهيار لڳ عمرساند ٿاڻي جي حد ڳوٺ شاهپور رضوي ۾ مبينا تشدد ٿيل 50 سالا احمد ناز شيخ جو لاش سندس گهر مان مليو اطلاع تي عمرساند ٿاڻي جي پوليس پهچي لاش کي پنهجي تحويل ۾ وٺي سول اسپتال ٽنڊوالهيار آندو جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو پوليس موجب لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي فلحال لاش بابت ڪجھ نٿو چئي سگهجي پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد وڌيڪ خبر پوندي جنهن لاء فوتي جي وارثن کان به معاملي بابت پڇا ڳاڇا رهيا آھيون وارثن موجب احمد ناز گهر ۾ اڪيلو هيو خبر ناهي واقعو ڪيئن پيش آيو مبينا قتل ٿيل احمد ناز جي وارثن جو چوڻ آھي ته اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.