سکر: نهر ۾ٽپو ڏيندڙ عورت جو لاش نه مليو، ڳولا

سکر(رپورٽر) سکر ۾ عورت ٻن ٻارن سميت نهر ۾ ٽپو ڏيڻ وارو معامرو، 12 ڪلاڪ گذرڻ باوجود لاش نه ملي سگهيا، ٻارن جي استعمال جو  ڪجھ شيون هٿ، لاشن جي ڳولها جاري، آخري اطلاع تائين لاش هٿ نه اچي سگهيا، خبر موجب: گذريل رات خيرپور جي علائقي لقمان ڦاٽڪ جي رهواسي عورت پاران هڪ پٽ ۽ هڪ ڌيءَ سميت نارا ڪئنال ۾ ٽپو ڏيڻ واري واقعي کي 12 ڪلاڪ گذرڻ باوجود سندن لاش ناهين ملي سگهيا، جڏهن ته ڳولها دوران ٻارن جي استعمال جو ڪجھ شيون هٿ ڪيون ويون آهن، ان ڏس ۾ ڪئنال ۾ ٽپو ڏيندڙ عورت مسمات شهناز جي والد امان  الله شيخ جو چوڻ آهي ته ڌيءَ مڙس جي تشدد کان تنگ ٿي اهڙو قدم کنيو، هوڏانهن آخري اطلاع تائين لاش هٿ نه اچي سگهيا هئا، جڏهن ته ڪئنال ۾ ٽپو ڏيندڙ عورت جي گهر ۾ ماتم متل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.