پيرجوڳوٺ مان گم ٿيل نوجوان جو کوھ مان لاش هٿ

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) پيرجوڳوٺ جي سالار محلي مان 15 ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿيل نوجوان ثناءُ الله ولد غلام حيدر لانگاھ جو لاش ڌنارن  ڳوٺ گهوگھي مڱڻيجا ڀرسان ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو پوليس نوجوان جو لاش پراڻي کوھ مان ڪڍرائي پيرجوڳوٺ اسپتال آندو جتي لاش کي ڏسڻ لاءِ سوين ماڻھو پھتل هئا، نوجوان جي لاش جي سڃاڻپ سندس وارثن ڪئي، وارثن جو چوڻ آھي ته 15 ڏينهن اڳ نوجوان گم ٿي ويو هو جنهن جي گھڻي ڳولھا ڪئي پر هٿ اچي نه سگهيو هو، هنن دانھيندي چيو ته اسان جي نوجوان کي بيگناھ قتل ڪري لاش کوھ ۾ ڦٽو ڪري ناحق ڪيو ويو آھي. اهڙي واقعي بعد نوجوان جي گهرن ۾ قھرام مچي ويو،  پوليس لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، ٻڌايو پيو وڃي ته لاش 3 ڏينهن پاڻي ۾ هجڻ سبب ڳري ويو آھي. پيرجوڳوٺ پوليس اهڙو ڪيس داخل نه ڪري سگهيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.