ڪوٽ ڏيجي ۾ بدامني چوٽ چڙهيل، درزي جي دڪان کي کاٽ

ڪوٽڏيجي (ن ع آ) ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد ڇوڏاهو چوڪي انچارج علائقي ۾ امن امان بحال ڪرڻ ۾ ناڪام چوڪي انچارج چوڪي تان  غائب گذريل رات چوڪي ڀرسان ڳوٺ مراد خان گوپانگ ۾  ليڊيز ڪپڙن جو مشهور درزيء حليم الله سومرو جي دڪان کي نامعلوم چورن تالا ٽوڙي سلائي مشين سبيل اڻ سبيل 30 کان وڌيڪ ليڊيز ڪپڙا، استري ۽ ٻيو سامان چوري کڻي فرار ٿي ويا متاثر درزيء حليم الله سومرو ٻڌايو ته آء جيئن صبح جو دڪان تي آيو آهيان ته دڪان جا تالا ڀڳل ٽٽل ھئا جئين دڪان اندر داخل ٿي ڏٺم ته دڪان ۾ ڪجهه به ڪو نه هو اهڙي اطلاع ڇوڏاهو چوڪي انچارج کي ڏني جيڪو اچي جاءِ واردات ڏسي هليو ويو مان غريب مسڪين آهيان عورتاڻا ڪپڙا سبي گذر سفر ڪندو آهيان متاثر درزيء ڊي آء جي سکر ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي دڪان مان چوري ٿيل ليڊيز ڪپڙا سلائي مشين ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.