ڀريا سٽي ۾ جعلي نوٽ تان جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي

ڀرياسٽي(  ن ع آ )ڀرياسٽي  جي مين چوڪ تي دوڪاندارن ۽ گراڪ ۾ جعلي نوٽ تان جيهڙو   ٿي ييو جيهڙي سبب ٻه ڄڻا زخمي  زخمي شفيق لنجار ٻڌايو ته صداقت جي موبي ڪيش واري دوڪان تان جيز ڪيش هڪ هزار ڪڍرايو جيڪو هن جعلي نوٽ ڏنو ۔جعلي نوٽ کڻي واپس دوڪان تي ويس صداقت راڄپوت ۽  نثار سميت 20 کان مٿي ماڻهن وچ روڊ تي مون ۽ منهنجي پٽ گل بيگ لنجار کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو۔ زخمي شخص ٻڌايو ته مان دوڪان واري کي چيو ته يا تون ساک ڏي يا مان ٿو ساک ڏيان ٿو پر انهن هڪ به نه ٻڌي الٽو مون تي تشدد ڪيو ويو جڏهن ته ٻي پاسي ڀرياسٽي  ڀرپاسي جعلي نوٽن جو ڪاروبار وڌڻ سبب شهرين توڙي دوڪاندارن ۾ ڏند چڪ روز جو معمول بڻيل آهن.

  • ميان صاحب ۾ چور دڪان اڳيان بيٺل موٽرسائيڪل چوري ڪري فرار

ميان صاحب ( ن ع آ ) ميان صاحب شهر ۾ ڏينهن ڏٺي جو چور ٽڪ ٽاڪ اسٽار جي دڪان اڳيان  بيٺل موٽرسائيڪل چوري ڪري ويا ، پوليس کي اطلاع ، تفصيل موجب : ميان صاحب شهر جي وين اسٽينڊ وٽ ڪالهه منجهند جو ڏينهن ڏٺي جو ٽڪ ٽاڪ اسٽار مولائي حبيب سومرو جي والد اناج جي واپاري محمد رمضان سومرو جي دڪان اڳيان بيٺل سي ڊي موٽرسائيڪل نامعلوم چور ڪاهي ويا اهڙو اطلاع ميان صاحب پوليس کي ڪيو ويو جنهن بعد پوليس متاثر واپاري سان گڏ شهر جو چڪر هڻي واپس موٽي آئي جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو .

  • ڊگھڙي ۾ ڪارروائي هڪ جوابدار پسٽل سميت گرفتار

ڊگھڙي(ن ع آ)ڊگھڙي پوليس موجب دوران گشت ٽنڊوجان محمد روڊ ملوڪ شاھ قبرستان اسٽاپ تي صغير ڪالوني جهڏو شھر جي رهواسي غلام مرتضي عرف مصطفي عرف بگا جٽ کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان بغير لائسنس ڪارتوسي پستول ۽ ٽي عدد ڪارتوس برآمد ڪري مٿس 23.1  تحت ڪيس داخل ڪري کيس لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.