لاڙڪاڻي ۾ پوليس جون ڪارروائيون، 5 جوابدار گرفتار

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس ڏوهارين خلاف ڪاروائيون ڪندي انتهائي گهربل 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري موٽر سائيڪلون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ حيدري پوليس ايوب ڪالوني مان ڏوهه جي ارادري سان بيٺل ٻن ڏوهارين خدابخش جتوئي ۽ ارشد ڀٽو کي ٻن پسٽل ۽ ٻن موٽرسائيڪلن سميت، ساڳي ئي ٿاڻي جي پوليس جوابدار سڌير ڏاهاڻي کي بغير لائسنس پسٽل ۽ گولين سميت، دڙي پوليس ريلوي گدامن وٽان جوابدار عبدالنبي منگي کي بغير لائسنس پسٽل ۽ گولين سميت ۽ ايئرپورٽ پوليس اشتهاري جوابدار جليل بروهي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب گرفتار سمورن جوابدارن مٿان اهڙي نوعيت جا ڪيس داخل ڪري سندن کان جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

  • حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قيدي دل جو دورو پوڻ ڪري فوت

حيدرآباد(رپورٽر) سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ سزا يافته عمر قيد جو قيدي دل جو دورو پوڻ ڪري فوت ٿي ويو. جيل انتظاميا ابتدائي طور ضروري ڪارروائي لاءِ فوتي قيدي جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان بعد ۾ لاش وارث حوالي ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن 38 ورهين جي محمد سومار پٽ محمد مراد ڪورائي کي دل ۾ تڪليف ٿي، جنهن کي جيل ۾ قائم اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر هو فوت ٿي ويو. جيل ذريعن جو چوڻ آهي ته سانگهڙ سان تعلق رکندڙ قيدي سومار کي 2014ع ۾ توهين رسالت جي ڏوهه ۾ 25 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي جنهن بعد هو لاڳيتو سينٽرل جيل ۾ قيد هو.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.