ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي خلاف بدين ۾احتجاجي ريلي

بدين (رپورٽ رازقڏنو کوسو )قومي ڪارڪنن جو نگرپارڪر جبل جي ڪٽائي خلاف ايوان صحافت بدين اڳيان پلي ڪارڊ ھٿ ۾ کڻي زور ڌار ناري بازي ڪندي اعظم علي  فاروق . فراز سنڌي . ابراھيم قمبراڻي احتجاج بعد چيو ته نگر پارڪر جي ڪٽائي سنڌ جي نسلن جي ڪٽائي جي ھڪ سازش آھي اسان سنڌ واسي ڪڏھن به انھن جي انھن سازشن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين ھنن چيو ته ڪڏھن بحرياءُ ٽائون جي نالي تي سنڌ جي وسيلن تي چاڙھيو ڪڏھن وري نگر پارڪر جبل مان گري نائيٽ پٿر ڪڍڻ لاء قدرتي حسن جي ھن جبل کي به ختم ڪرڻ جي به سازش شروع ڪئي ويئي آھي ھنن چيو ته اسان نگر پارڪر جي جبل جي ڪٽائي کي ھر گز برداش نه ڪنداسين ڪارڪنن عوامي آواز جي اڄوڪي ڪارونجھر جبل جي فطري حسن تي ڪڍيل ايڊيشن کي ساراھندي ان کي به احتجاجي مظاھري ۾ کڻي تنھنجو آواز منھنجو سموري سنڌ جو آواز عوامي آواز عوامي آواز  جا نعرا لڳايا ۽ پوري سٿ  کي ھن ايڊيشن ڪڍڻ تي مبارڪ باد به پيش ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.