لاڙڪاڻي ۾ ٽريڪٽر جي ٽڪر ۾ 5 سالن جو نينگر چيڀاٽجي فوت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد چانڊڪا پل ڀرسان تيز رفتار ٽريڪٽر جي ٽڪر ۾ 5 سالن جو نينگر شاهه زيب پٽ غلام  رسول مگسي تڏي تي فوت ٿي ويو. ان موقعي تي فوتي نينگر جي وارثن ٻڌايو ته اسان جو نينگر گهر ٻاهريان بيٺو هو جتي تيز رفتار ٽريڪٽر جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويو آهي. هوڏانهن اطلاع تي اطلاع تي حد جي ٿاڻي جي پوليس پهچي ٽريڪٽر تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي. ان حوالي سان رحمت پور پوليس ٻڌايو ته گرفتار ڊرائيور ننڍي عمر ۾ ٽريڪٽر هلائي رهيو هو جنهن ٽريڪٽر جي ٽڪر ۾ 5 سالن جو نينگر فوت ٿي ويو آهي جنهن ڪري ڊرائيور کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.