خانواهڻ ڀرسان ٻارن جي ڳالهه تان جهيِڙو،6 ڄڻا زخمي

خانواهڻ (ن ع آ) خانواهڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد پريل سيال ۾ ٻارن جي معاملي ڳالھ تان سيال برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ ڪهاڙيون ۽ لٺيون لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا سڪندر علي، حاڪم علي ۽ جاويد سيال سميت 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي کڻائي خانواهڻ ٿاڻي تي آندو ويو جتان کين ليٽر جاري ڪري ڪنڊيارو اسپتال پهچايو ويو، جتي سندن علاج هلندڙ هيو ۽ حالت خطري کان ٻاهر هئي، ھوڏانھن خانواهڻ ٿاڻي تي ٻنهي ڌرين جي 10 ماڻهن خلاف ڌار ڌار جهيڙي جي ابتدائي رپورٽ داخل ڪئي وئي آخري اطلاعن تائين ۾ ڪابہ گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگهي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.