ايس يو پي تمام جلد ملڪ جي جمھوري ايوانن ۾ نظر ايندي

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ذيلي فرنٽ سنڌ يونائيٽيڊ لائيرس فرنٽ جو اجلاس پارٽي صدر سيد جلال محمود شاھه جي صدارت ھيٺ  جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشورو تي ٿي گذريو. اجلاس ۾  سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري روشن علي ٻرڙو، سنڌ يونائيٽيڊ لائيرس فرنٽ جي چيف آرگنائيزر مير احمد منڱريو، سيد اسد شاھه، قلندر بخش لغاري، فقير قيصر مري، محمد جمن پنھور، عاصما شاهه ۽ ٻين لائيرس فرنٽ جي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ يونائيٽيڊ لائيرس فرنٽ جو تنظيمي جائزو ورتو ويو.ان بعد مرڪزي باڊي ۽ ڊويزنل آرگنائيزنگ باڊيون مقرر ڪيون ويون. سنڌ يونائيٽيڊ لائيرس فرنٽ جي مرڪزي باڊي ۽ ڊويزنل آرگنائزنگ باڊيون ھيٺين عھديدارن تي مقرر ڪيون ويون. مرڪزي صدر مير احمد منڱريو، نائب صدر سيد اسداللہ شاھه، جنرل سيڪريٽري قلندر بخش لغاري ، جوائنٽ سيڪريٽري اسد راڄڙ، فنانس سيڪريٽري ميڊم عاصما شاھہ ۽ انفارميشن سيڪريٽري سچل ماڇي کي مقرر ڪيو ويو. سنڌ يونائيٽيڊ لائيرس فرنٽ ڊويزن ڪراچي لاءِ چيف آرگنائيزر محمد جمن پنھور، فقير قيصر مري، عاصما ابڙو ۽  سانوڻ ميگھواڙ کي آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو. سنڌ يونائيٽيڊ لائيرس فرنٽ ڊويزن حيدرآباد لاءِ چيف آرگنائيزر مير محمد ٻرڙو، عرفان علي راھوجو، ظفر ڏيپر ۽ صمد خاصخيلي کي آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو. سنڌ يونائيٽيڊ لائيرس فرنٽ ڊويزن ميرپورخاص لاءِ چيف آرگنائيزر غلام حسين ملاڻو، محمد شريف سھتو، ملڪ محمد لغاري کي آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو. سنڌ يونائيٽيڊ لائيرس فرنٽ ڊويزن نوابشاھہ لاءِ چيف آرگنائيزر شاھنواز جمالي ۽ صابر سھتو کي آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو. سنڌ يونائيٽيڊ لائيرس فرنٽ ڊويزن لاڙڪاڻو لاءِ چيف آرگنائيزر امداد جويو، قاضي احمد حسين، محبوب ڀٽي کي آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو. سنڌ يونائيٽيڊ لائيرس فرنٽ ڊويزن سکر لاءِ چيف آرگنائيزرعبدالطيف کوسو، مھدي حسن، فاروق احمد گجر کي آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو. ان موقعي تي پارٽي صدر سيد جلال محمود شاھہ نون مقرر ٿيل عھديدارن کي پنھنجي آئيني ذميواري جو حلف کڻايو. اجلاس کي خطاب ڪندي سيد جلال محمود شاھہ چيو تہ وڪيل پنھنجي لاڳاپيل پيشي کان علاوہ پنھنجي وطن ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ کي بہ پنھنجو فرض سمجھن. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ھر طبقي جي نمائندہ جماعت آھي، جيڪا سنڌ جي ھر مسئلي جي حل لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪري رھي آھي. تمام جلد ملڪ جي جمھوري ايوانن ۾ نمائندگي ڪندي نظر ايندي. آخر ۾ سيد جلال محمود شاھه، سنڌ يونائيٽيڊ لائيرس فرنٽ جي  نئين مقرر ٿيل باڊي ۽ ٻين مقررن کي مبارڪباد ڏني.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.