هاڻ اسٽيجن تي سينيئر بدران نوجوانن کي ويهارڻ گهرجي: تاج جويو

حيدرآباد(رپورٽر) اديبن ۽ شاعرن چيو آهي ته جديد افساني تي ڳالهايو ويندو ته ان جي شروعات ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار رسول ميمڻ کان ڪئي  ويندي، هن پهريون ڀيرو ادب ۾ نفسيات کي به ڪهاڻين جو موضوع بڻايو آهي. اهڙو اظهار هنن ڪالهه حيدرآباد ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي هال ۾ تخليقار سٿ طرفان نامياري ڪهاڻيڪار رسول ميمڻ جي سالگرهه جي موقعي تي کيس مڃتا ڏيڻ جي لاءِ منعقد ڪيل تقريب ۾ ڪيو. ان موقعي تي رسول ميمڻ جي ڪتاب "ڪتا” جي مهورت پڻ ڪئي وئي. ان موقعي تي ناليواري اديب تاج جويو چيو ته رسول ميمڻ ڪهاڻين سان گڏ خاڪا به لکيا آهن، رسول ميمڻ جا 32 ڪتاب لکيل آهن. هن چيو ته هاڻ اسٽيجن تي سينيئر کي ويهارڻ بدران نوجوانن کي ويهارڻ گهرجي، فڪشن بابت نوجوان اختر حفيظ کان به ڳالهارايو وڃي ها، رسول ميمڻ جي لکڻ کي ان وقت جي برک اديبن همٿايو، اڄڪلهه ايئن نٿو ٿئي. هن چيو ته رسول ميمڻ جو ڪتابن جو انگريزي ۾ ترجمو ٿئي ته سندس لکڻيون عالمي جاءِ والاري سگهن ٿيون، هن لياري جي اسپتال ۾ ڊيوٽي دوران لياري جي گندي نالي ۽ پل تي پڻ لکيو. ليکڪ  مبارڪ لاشاري چيو ته رسول ميمڻ ڪتن جو مثال کڻي سماج جي حالتن تي لکيو آهي، هر اسٽوري سماج جو حصو آهي، هر ليکڪ سماج سان ڳنڊيل هوندو آهي. ناول نگار ڪليم ٻٽ چيو ته رسول ميمڻ ڪو به دٻاءِ قبول نه ڪندي لکيو آهي، رسول ميمڻ جا ناول شاندار لکيل آهي، رسول ميمڻ نان فڪشن تي به لکيو آهي، رسول ميمڻ جو سينڊرم ناول به شاندار آهي. سينڊروم جي معنيٰ بيمارين جون نشانيون ٻڌائڻ آهي، هن ڪتاب ۾ لکيو آهي انسان نفسياتي مريض رهندو پيو اچي. پوسٽ ماڊرنزم جي ٿيوري 6 حصن ۾ ورهايل هوندي آهي، جيڪو ليکڪ پاڻ سان گڏ کڻي هلي ٿو، جنهن ۾ ڊارڪ فڪشن ۾ ليکڪ ظلم کي پنهنجي ٻولي ۾ پيش ڪري ٿو، جيڪو نائين اليون کانپوءِ آمريڪا ۾ سرجي پيو. هن چيو ته سينڊرم ڪتاب کي سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ شامل ڪيو وڃي. شاعر علي آڪاش چيو ته ورهاڱي کانپوءِ سماجي طور ادب سرجيو، جنهن ۾ ماڻهن جي ڀوڳنائن کي به شامل ڪيو ويو.ن موقعي تي سندس ڌيءُ لبنا ۽ ڏوهٽي پارس پڻ ڳالهايو.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.