ڪنڊيارو بنيادي سهتولتن کان محروم، احتجاجي ريلي

ڪنڊيارو (ن ع آ) سميت تعلقي جي مڙني مسئلن خلاف سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي پاران عوامي پريس  ڪلب کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي۔ريلي جي اڳواڻي سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين سنڌو نواز گهانگهرو ۽ ٻيا ڪري رهيا هيا۔ احتجاجي ريلي جا شرڪاء شهر جي مختلف رستن کان ٿيندي اسٽار چوڪ وٽ پهتا جتي احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد ڌرڻُو هنيو ويو۔ان موقعي تي سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گھانگھرو ۽ ٻين چيو ته ڪنڊيارو شهر سميت ڪنڊيارو تعلقي جو عوام بنيادي سهولتن کان محروم آهي۔صحت تعليم صفائي ۽ روڊ جي سهولتن کان محروم رکيو ويو آھي۔ڪنڊيارو تعلقي اسپتال ۾ مريضن کي علاج جي سهولت نٿي ملي۔ شهر توڙي ٻهراڙي کان ايندڙ ماڻهو علاج لاء دربدر آهن۔ عوام جي خدمت بجائي مافيائن کي سهولتون ڏنيون پيون وڃن۔ جنهن سبب ڪڏهن کنڊ مافيه جو راڄ آهي ته ڪڏهن ڀاڻ مافيه جو راڄ آهي۔ هن چيو ته شهر ۾ پبلڪ لائيبريري ته آهي پر اها به سهولتن کان محروم آهي عوام سان چونڊيل نمائندن ويساهه گهاتي ڪئي آهي عوام جو پئسو عوام تي خرچ ڪرڻ بجائي ڪرپشن جي ور چڙهي رهيو آهي جنهن سبب ڪنڊيارو شهر سميت تعلقو ترقي بجائي پوئتي وڃي رهيو آهي۔هن وڌيڪ چيو ته بدامني سبب عوام پريشام آهي۔مظاهري کي حبدار ميربحر ۽ ٻين خطاب ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.