منهنجي بيان کي غلط انداز ۾ پيش ڪيو ويو: امير بخش ڀٽو

لاڙڪاڻو/ نئون ديرو (نمائندا) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ امير بخش خان ڀٽو چيو آهي ته منهنجي بيان کي غلط انداز ۾ پيش ڪيو  ويو آهي، منهنجا رمارڪس پارٽيءَ جي نئين تنظيم سازيءَ تحت آيل قيادت جي باري ۾ نه پر پارٽيءَ ۾ ان کان اڳ پيدا ڪيل ماحول جي باري ۾ هئا جنهن سبب پارٽيءَ کي وڏو نقصان پهتو ۽ پارٽي چيئرمين کي تنظيم سازي ڪرڻي پئي. سردار امير بخش خان ڀٽو وڌيڪ چيو ته مان چيئرمين پاران پارٽي جي پراڻي تنظيم کي تحليل ڪري نئين سر تنظيم سازي ڪرڻ جي قدم جي آجيان ۽ حمايت ڪيان ٿو ۽ اميد آهي ته نئين قيادت ماضيءَ جون هاڃيڪار روايتون دفن ڪري پارٽيءَ جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪندا جنهن ۾ انهن کي منهنجو مڪمل سهڪار حاصل هوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.