ميرپورخاص ۾ ڊاڪٽري جي غفلت سبب ٻار فوت، وارثن جو لاش رکي احتجاج

ميرپورخاص( بيورو:رپورٽ) سول اسپتال ميرپورخاص جي گائني وارڊ ۾ ڦلهڏيون جي رهواسي علي بخش هاليپوٽو پنهنجي ڳورهاڙي زال مسمات شبانه کي ڊليوري آپريشن لاء سول اسپتال وٺي آيو پر سندس چوڻ موجب  ڊاڪٽرياڻيون هڪ هفتي کان روز گوريون لکي ڏيئي روانه ڪنديون رهيون گذريل رات وري اچڻ بعد سڄي رات زال تڙپندي رهي پر ڊاڪٽرياڻيون آپريشن بدران آسرا ڏينديون رهيون آخرڪار صبح جو 12 وڳي زال کي آپريشن لاء وٺي ويا پر آپريشن کان ڪلاڪ پوء ٻار کي لڳل ڪينولا ڊرپ آئوٽ ٿي جنهن کي درست ڪرڻ لاء ڊاڪٽرياڻين کي منتون ڪندا رهيا سين پر انهن علاج بدران اسان کي جاهل چئي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ ڊاڪٽرياڻين جي مبينه غفلت سبب  ڄاول ٻار تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو وارثن جي احتجاج ۽ ٻارڙي جو مڙھ کڻڻ کان انڪار ڪيو جنهن ڪري سوين ماڻھو گڏ ٿي ويا ۽ حد جي پوليس پهتي جنهن بعد اسپتال جي انچارج ايم ايس ۽  سول سرجن ڊاڪٽر هرچند راء فوتي  ٻارڙي جي والد ۽ وارثن سان ملاقات ڪري اي ايم ايس جي سربراهي ۾ واقعي جي جاچ لاء انڪوائري ڪميٽي ٺاهي انصاف جو يقين ڏياريو جنهن بعد وارث فوتي ٻار جا وارث لاش کڻي ڳوٺ ويا .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.